راولپنڊي-20 نومبر(اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي خيبرپختونخواهه جي ڪرم ضلعي ۾ ٻن ڪامياب آپريشنن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جا 23 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان مطابق خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو. ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. ان دوران شديد فائرنگ جي ڏي …
سيڪورٽي فورسز پاران ڪرم ضلعي ۾ ڪامياب آپريشن، ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جا 23 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-20 نومبر(اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي خيبرپختونخواهه جي ڪرم ضلعي ۾ ٻن ڪامياب آپريشنن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جا 23 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان مطابق خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو. ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. ان دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 خارجي جهنم حوالي ٿيا. ساڳئي علائقي ۾ هڪ ٻئي خارجي گروهه جي موجودگي جي اطلاع تي ٻيو آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز هٿان وڌيڪ 11 دهشتگرد مارجي ويا.











