قومن جي ترقي ۽ تنزلي ۾ تعليم جو ڪردار اهم ترين آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

ملتان-19 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته انساني معاشري جي حسن ۽ قومن جي ترقي ۽ تنزلي ۾ تعليم جو اهم ترين ڪردار آهي، تعليم هر انساني جي بنيادي ضرورت آهي، چاهي اهو امير هجي يا غريب، مرد هجي يا عورت، ڏٺو وڃي ته انسان ۽ حيوان ۾ فرق تعليم جي ڪري ئي آهي، تعليم حاصل ڪرڻ جو مطلب صرف اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيءَ …

ملتان-19 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته انساني معاشري جي حسن ۽ قومن جي ترقي ۽ تنزلي ۾ تعليم جو اهم ترين ڪردار آهي، تعليم هر انساني جي بنيادي ضرورت آهي، چاهي اهو امير هجي يا غريب، مرد هجي يا عورت، ڏٺو وڃي ته انسان ۽ حيوان ۾ فرق تعليم جي ڪري ئي آهي، تعليم حاصل ڪرڻ جو مطلب صرف اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيءَ مان ڊگري وٺڻ ناهي پر ان سان گڏوگڏ تميز ۽ تهذيب سکڻ پڻ آهي، ته جيئن انسان پنهنجي معاشرتي روايتن ۽ قدرن جو خيال رکي سگهي، تعليم اهو زيور آهي جيڪو انسان جي ڪردار کي سنواري ٿو، دنيا ۾ جيڪڏهن هر شيءِ ڏٺي وڃي ته اهو ورهائڻ سان گهٽبي آهي پر تعليم هڪ اهڙي دولت آهي جيڪا ورهائڻ سان وڌندي آهي ۽ انسان کي اشرف المخلوقات جو درجو تعليم سبب ڏنو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي اسڪول ۾ رٿيل تقريب ۾ مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملتان اوليائن جو شهر آهي، هي شهر منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندس، مان ملتان سميت سڄي ڏکڻ پنجاب ۾ سمورا ترقياتي ۽ تعليمي منصوبا مڪمل ڪرايا، جيڪي اڄ به هن خطي جي عوام کي فائدو پهچائي رهيا آهن، ملتان سميت ڏکڻ پنجاب ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ هر طرح جي وڌيڪ سپورٽ به جاري رکندس. سندس چوڻ هو ته مان جڏهن وزيراعظم هئس ته مون بهاؤالدين زڪريا يونيورسٽي کي 100 اسڪالرشپس ڏنيون هيون ۽ في اسڪالرشپ هڪ ڪروڙ رپيا هئي، اهي سمورا شاگرد جن اهي اسڪالرشپس ورتا هئا اڄ مختلف شعبن ۾ تمام سٺيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اڄ گيلاني لا ڪاليج ۾ پي ايڇ ڊي ۽ ايل ايل ايم جون ڪلاسون به هلايون پيون وڃن، گيلاني ڪاليج ۾ 10 پي ايڇ ڊي استاد پڙهائي رهيا آهن ۽ تعليم جو معيار تمام بهترين آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته مون گيلاني لا ڪاليج جي 50 سيٽن ۾ واڌ جي حوالي سان قانون واري وزير سان ڳالهه ڪئي آهي، ته جيئن قانون جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ بهتري آڻي سگهجي. هن چيو ته ڄاڻايل اسڪول جديد سهولتن سان اسٽيٽ آف دي آرٽ تعليم فراهم ڪري رهيو آهي، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ هاڪاري قدم آهي. ان موقعي تي ايم اين اي علي قاسم گيلاني، سي اي او روٽس ميلنيم اسڪول ملتان فيصل مشتاق ڊائريڪٽر اسڪول ۽ استاد موجود هئا.

مزید خبریں