پاڪستان ۽ انڊونيشا جي فوج پاران دهشتگردي جي خاتمي وارن آپريشنز جي تربيت لاءِ گڏيل مشق ڪاميابي سان مڪمل

راولپنڊي-19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انڊونيشا جي فوج دهشتگردي جي خاتمي وارن آپريشنز جي تربيت لاءِ گڏيل مشق ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق پاڪستان - انڊونيشيا گڏيل دهشتگردي جي خاتمي جي فوجي مشق ”شاهين اسٽرائيڪ 2“ ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. ٻنهي ملڪن جي گڏيل فوجي مشق 8 کان 19 نومبر تائين جاري رهي. ان مشق جو بنيادي مقصد دهشتگردي …

راولپنڊي-19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انڊونيشا جي فوج دهشتگردي جي خاتمي وارن آپريشنز جي تربيت لاءِ گڏيل مشق ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق پاڪستان – انڊونيشيا گڏيل دهشتگردي جي خاتمي جي فوجي مشق ”شاهين اسٽرائيڪ 2“ ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. ٻنهي ملڪن جي گڏيل فوجي مشق 8 کان 19 نومبر تائين جاري رهي. ان مشق جو بنيادي مقصد دهشتگردي جي خاتمي وارا آپريشنز هئا، ان مشق ۾ پاڪستان آرمي ۽ انڊونيشين آرمي جي خاص جنگي ٽيمن حصو ورتو ۽ سمورا تربيتي مقصد ڪاميابي سان حاصل ڪيا ويا. مشق جي باضابطا پڄاڻي 18 نومبر تي ٿي، جڏهن ته پڄاڻي واري تقريب ۾ پاڪستان طرفان هڪ جنرل آفيسر خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ انڊونيشيا طرفان سينئر فوجي عملدار شريڪ ٿيا. گڏيل مشق دوران ٻنهي ملڪن جي جٿن اعليٰ پيشيوراڻي مهارت، آپريشنل قابليت ۽ ڀرپور هم آهنگي جو مظاهرو ڪيو، تربيت ۾ بلٽ اپ ايرياز ۾ ڪارروائين، دهشتگردي مخالف ٽيڪنڪس ۽ آءِ اي ڊيز جي تدارڪ بابت جديد طريقيڪار تي خاص ڌيان ڏنو ويو. آءِ ايس پي آر چيو ته مشق ”شاهين اسٽرائيڪ 2“ پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ پراڻي عسڪري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي سهڪار کي نئين سنگ ميل تي پهچايو آهي.

مزید خبریں