بشڪيڪ-19 نومبر (اي پي پي) وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر مساتو ڪانڊا سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي ڊجيٽل نيشن ويزن تي اعليٰ سطحي سهڪار تي ڳالهيون ٿيون. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير قومي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، ڊيٽا سينٽرز ۽ نيٽ ورڪ منصوبن ۾ گڏيل سيڙپڪاري جي تجويز ڏني. هن پاڪستان جي نيشنل فائبرائزيشن پلان تي خطي …
وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه جي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر سان ملاقات

مزید خبریں
بشڪيڪ-19 نومبر (اي پي پي) وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر مساتو ڪانڊا سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي ڊجيٽل نيشن ويزن تي اعليٰ سطحي سهڪار تي ڳالهيون ٿيون. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير قومي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، ڊيٽا سينٽرز ۽ نيٽ ورڪ منصوبن ۾ گڏيل سيڙپڪاري جي تجويز ڏني. هن پاڪستان جي نيشنل فائبرائزيشن پلان تي خطي جي سطح تي سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ پاڪستان کي سي اي آر اي سي ڊجيٽل ڪوريڊور ذريعي علائقائي ڊجيٽل گيٽ وي بڻائڻ تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊجيٽل سيڪٽر روڊ ميپ لاءِ نتيجو ڏيندڙ سيڙپڪاري ماڊل تي ڳالهه ڪئي. شزه فاطمه مصنوعي ذهانت، ايگزيونومي، فن ٽيڪ ۽ هيلٿ ٽيڪ جي پبلڪ سيڪٽر پائلٽس لاءِ فني معاونت تي ڳالهه ڪئي. پاڪستان مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل انوويشن لاءِ هاءِ امپيڪٽ يوز ڪيسز تي ٻَڌل فنڊنگ جي تجويز پيش ڪئي.











