اسلام آباد - 19نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ تحمل ۽ برداشت جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جو اسوه حسنه اسان جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي، برداشت ۽ ڀائيچارو پاڪستان قائم ٿيڻ جو بنياد آهي، آزادي جي تحريڪ ۾ اقليتن سميت زندگي جي هر طبقي جا ماڻهو شامل هئا، الله تعاليٰ پاڪستان …
معاشري ۾ تحمل ۽ برداشت جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، نبي ڪريم ﷺ جو اسوه حسنه اسان جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 19نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ تحمل ۽ برداشت جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جو اسوه حسنه اسان جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي، برداشت ۽ ڀائيچارو پاڪستان قائم ٿيڻ جو بنياد آهي، آزادي جي تحريڪ ۾ اقليتن سميت زندگي جي هر طبقي جا ماڻهو شامل هئا، الله تعاليٰ پاڪستان کي هڪ اهڙو عظيم ملڪ بڻايو جنهن ۾ سمورن مڪتبه فڪر ۽ سمورن مذهبن جا پوئلڳ امن ۽ سُک جي زندگي گذارين. هن اهڙن خيالن جو اظهار برداشت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزير، پارليامينٽ ميمبر ۽ ٻيون ناليواريون شخصيتون پڻ موجود هيون. وزيراعظم چيو ته برداشت ۽ ڀائيچاري جي حوايل سان تقريب جو انعقاد خوش آئنده آهي، برداشت ۽ ڀائيچارو پاڪستان قائم ٿيڻ جو بنياد آهي، قائداعظم جي عظيم قيادت ۾ لکين مسلمانن جي قربانين سان پاڪستان وجود ۾ آيو، آزادي جي تحريڪ ۾ عوام، وڪيلن، ڊاڪٽرن، انجينئرن، عالمن ۽ اقليتن سميت زندگي جي هر طبقي جا ماڻهو شامل هئا، پاڪستان قائم ٿيڻ کان ٽي ڏينهن اڳ 11 آگسٽ تي قائداعظم جي تقرير ۾ اهو فلسفو بيان ڪيو ويو ته اسان اهڙو پاڪستان ٺاهينداسين جتي بردباري، تحمل ۽ برداشت کي فروغ حاصل ٿيندو، سمورن مذهبن جي پوئلڳن کي پنهنجي مذهبي عقيدن موجب عبادت جي مڪمل آزادي ٿيندي ۽ اسان پاڻ ۾ هم آهنگي ۽ برداشت کي فروغ ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان نبي ڪريم ﷺ جو اسوه حسنه اسان جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي، طائف ۾ مخالفن پٿر هنيا پر جواب ۾ نبي ڪريم ﷺ جيڪو ارشاد فرمايو اهو قيامت تائين محفوظ رهندو، اهو هڪ اهڙو پيغام آهي جنهن سان تحمل ۽ برداشت کي فروغ ملي ٿو. نبي پاڪ ﷺ برداشت ۽ ڀائيچاري جو مڪمل پيڪر هو، انهن جي تعليم امن ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل آهي، صلح حديبيه به اهڙي طرح جو هڪ عظيم مثال آهي، جڏهن مڪو فتح ٿيو ته حضور اڪرم ﷺ جا بدترين مخالف به چئي رهيا هئا ته واقعي توهان الله جا سچ نبي آهيو، اسان کان غلطي ٿي، تحمل برداشت، ڀائيچاري ۽ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو توهان جو پيغام ايترو مضبوط آهي جو اسان جي سوچ ۽ اسان جو سرداري نظام ان جي اڳيان ڪجهه به نه آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ ٻيهر وقت اچي ويو آهي ته اسان اسلامي تعليم کي فروغ ڏيون، سمورن مذهبن ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تعليم امن، ڀائيچاري ۽ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو درس ڏي ٿي. هن چيو ته تحمل ۽ برداشت جي قدرن کي جيڪڏهن اسان فروغ ڏيون ته پاڪستان جو معاشرو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهندو، الله تعاليٰ پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ بڻايو جنهن ۾ سمورن مڪتبه فڪر ۽ سمورن مذهبن جا ماڻهو امن ۽ سُک جي زندگي گذارين، اچو اڄ اسان ان جو وچن ڪريون ۽ عملي ميدان ۾ عملي ثبوت ڏيون. قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته سماجي ۽ معاشي سطح تي ڀائيچاري کي وڌائڻ اسان سڀني جي ذميواري اهي، نبي پاڪ ﷺ جو اسوه حسنه اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهي، برداشت ۽ ڀائيچاري جو ڪلچر اسان جو طره امتياز رهيو آهي، عدم برداشت کي شڪست ڏئي معاشري ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. اڳوڻي سينيٽر ڪامران مائيڪل چيو ته اسان پاڪستان کي سنوارينداسين، نکارينداسين ۽ منفي سوچ جي نفي ڪرڻي آهي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سدائين ڪردار ادا ڪيو آهي. اين سي ايس ڊبليو جي چيئرپرسن ام ليليٰ اظهر چيو ته هي ڏينهن اسان کي پرامن گڏيل بقاءَ جي تعليم ڏي ٿو. ان موقعي تي يو اين ڊي پي پاڪستان جي ريزيڊنٽ نمائندي ڊاڪٽر سيموئل رزڪ جو وڊيو پيغام پڻ ٻڌايو ويو جڏهن ته ناليواري گلوڪار اريب اظهر صوفياڻو ڪلام پيش ڪيو.











