ڪيف-19 نومبر (اي پي پي) يوڪرين جي اولهندي شهر ترنوپل تي روسي ڊرون ۽ ميزائل حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان حملن ۾ فليٽون جي 2 بلاڪس کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ هي يوڪرين جنگ دوران هن وقت تائين ڪنهن هڪ روسي حملي ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان آهي. رپورٽ ۾ يوڪريني پوليس جي حوالي سان …
يوڪرين جي اولهندي شهر ترنوپل تي روسي ڊرون ۽ ميزائل حملي ۾ 16 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

مزید خبریں
ڪيف-19 نومبر (اي پي پي) يوڪرين جي اولهندي شهر ترنوپل تي روسي ڊرون ۽ ميزائل حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان حملن ۾ فليٽون جي 2 بلاڪس کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ هي يوڪرين جنگ دوران هن وقت تائين ڪنهن هڪ روسي حملي ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان آهي. رپورٽ ۾ يوڪريني پوليس جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته روسي حملي ۾ 64 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن جن ۾ 14 ٻار به شامل آهن. پوليس مطابق روسي حملن ۾ وڌيڪ 2 علائقن ايوانو فرانڪيوسڪ ۽ لويف کي نشانو بڻايو ويو. آن لائن پوسٽ ڪيل تصوير ۾ روسي حملن کانپوءِ عمارتن ۽ ڪارن ۾ باهه لڳل ڏيکاري پئي وڃي. يوڪرين جي توانائي واري وزارت چيو ته روسي حملن کانپوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته روس، 470 کان وڌيڪ ڊرون ۽ 47 ميزائل فائر ڪيا آهن، جنهن سبب يوڪرين ۾ وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. هن چيو ته ترنوپل ۾ ماڻهو ملبي هيٺ دٻيل آهن. رپورٽ مطابق اولهندي يوڪرين ۾ توانائي جي سهولتن، ٽرانسپورٽ ۽ سول انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو آهي. ايوانو فرانڪيوسڪ ۽ لويف ۾ روسي حملن ۾ بجلي جي تنصيبن کي نشانو بڻايو ويو آهي. اهي روسي حملا يوڪرين طرفان روس خلاف آمريڪي ساخته ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل کان هدف کي نشانو بڻائڻ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ ڪيا ويا آهن.











