برسلز - 19نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيلجيئم جي شهر برسلز ۾ يورپي يونين ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل فائدي جي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. نائب …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي برسلز ۾ يورپي يونين ڪائونسل جي صدر سان ملاقات

مزید خبریں
برسلز – 19نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيلجيئم جي شهر برسلز ۾ يورپي يونين ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل فائدي جي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان سان يورپي يونين جي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون جي حمايت کي ساراهيو. ٻنهي وفدن گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن، جي ايس پي پلس، واپار ۽ اقتصادي تعاون جو فروغ ۽ علائقائي ۽ عالمي سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين گهڻ رخي نظام جي لاءِ پنهنجي مضبوط عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ڌرين گڏيل ترجيحن جي فروغ ۽ اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











