پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊ 2025ع جو شيڊول جاري

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي رٽرننگ آفيسر منصور عثمان اعواڻ پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊ 2025ع جو تفصيلي پروگرام جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب چونڊ جا سمورا مرحلا نومبر ۽ ڊسمبر 2025ع ۾ مڪمل ڪيا ويندا. نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 25 نومبر مقرر ڪئي وئي آهي. نامزدگين جي جاچ پڙتال 2 ڊسمبر تي ٿيندي جڏهن …

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي رٽرننگ آفيسر منصور عثمان اعواڻ پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊ 2025ع جو تفصيلي پروگرام جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب چونڊ جا سمورا مرحلا نومبر ۽ ڊسمبر 2025ع ۾ مڪمل ڪيا ويندا. نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 25 نومبر مقرر ڪئي وئي آهي. نامزدگين جي جاچ پڙتال 2 ڊسمبر تي ٿيندي جڏهن ته اميدوارن جي شروعاتي فهرست 3 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي، اميدوارن 5 ڊسمبر تائين پنهنجون نامزدگيون واپس وٺي سگهندا جنهن کانپوءِ حتمي فهرست 6 ڊسمبر تي جاري ٿيندي. پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊ ۾ پولنگ 13 ڊسمبر ڇنڇر ڏينهن صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين ٿيندي. ڳڻپ 17 ڊسمبر تي ڪئي ويندي جڏهن ته چونڊ نتيجن جو باضابطه اعلان 22 ڊسمبر تي ڪيو ويندو، نوٽيفڪيشن موجب چونڊن خلاف اعتراض 31 ڊسمبر 2025ع تائين جمع ڪرائي سگهبا. رٽرننگ آفيسر جي آفيس سپريم ڪورٽ بلڊنگ، ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو اسلام آباد ۾ قائم ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں