نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات

ماسڪو - 19نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ماسڪو ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طرفن ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپن جي موجوده مثبت رفتار تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم روسي پرڏيهي وزير کي شنگهائي …

ماسڪو – 19نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ماسڪو ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طرفن ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپن جي موجوده مثبت رفتار تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم روسي پرڏيهي وزير کي شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. هن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ ٻطرفي اداراجاتي مڪينزم جي اهم ڪردار جو پڻ ذڪر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وسيع تر علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي بهترين ڪوآرڊينيشن کي نظر ۾ رکندي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ انهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو وچن ڪيو.

مزید خبریں