گوگل پاران پنهنجو جديد ترين اي آءِ ماڊل جيمنائي 3 جاري ڪرڻ جو اعلان

سان فرانسسڪو - 19 نومبر (اي پي پي)گوگل پنهنجو جديد ترين اي آءِ ماڊل جيمنائي-3 ((Gemini 3جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڪمپني بيان ۾ چيو آهي ته جيمنائي 3 وسيع سوچ ۽ سمجھه لاءِ دنيا جو بھترين ماڊل آھي ۽ اھو ھيستائين جو سڀ کان پاور فل ايجنٽڪ ۽ وائيب ڪوڊنگ ماڊل آھي. گوگل ٻڌايو ته اھو ماڊل جديد تجزياتي صلاحيتن جي بنياد تي بھترين بصري …

سان فرانسسڪو – 19 نومبر (اي پي پي)گوگل پنهنجو جديد ترين اي آءِ ماڊل جيمنائي-3 ((Gemini 3جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڪمپني بيان ۾ چيو آهي ته جيمنائي 3 وسيع سوچ ۽ سمجھه لاءِ دنيا جو بھترين ماڊل آھي ۽ اھو ھيستائين جو سڀ کان پاور فل ايجنٽڪ ۽ وائيب ڪوڊنگ ماڊل آھي. گوگل ٻڌايو ته اھو ماڊل جديد تجزياتي صلاحيتن جي بنياد تي بھترين بصري آڇ ۽ گھرا لاڳاپا فراھم ڪري ٿو، جيڪو اھم AI بينچ مارڪ تي آهي. گوگل ۽ الفابيٽ جي سي اي او چيو ته جيمنائي 3 اسان جو سڀ کان ذھين ماڊل آھي، جيڪو جيمنائي جي سمورين صلاحيتن کي ڳنڍي ٿو ته جيئن توھان ڪنھن به خيال کي حقيقت ۾ تبديل ڪري سگھو. ھن چيو ته اھو ماڊل توھان جي درخواست  پٺيان موجود سببن ۽ مقصد کي سمجھڻ ۾ انتهائي  بھتر آھي، جنھن سان توھان گھٽ ھدايتن سان گھربل نتيجو حاصل ڪري سگھو ٿا. ساڳي ڏينھن گوگل جيمنائي-3 ڊيپ ٿنڪ به متعارف ڪرايو، جيڪو ھڪ بھتر تجزياتي موڊ آھي ۽ ماڊل جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آھي. اھو فيچر پھرين سيفٽي ٽيسٽرز لاءِ دستياب ھوندو ۽ ان کانپوءِ Google AI Ultra  سبسڪرائبرز کي فراھم ڪيو ويندو.

مزید خبریں