وزيراعظم پاران ايندڙ سال سانوڻيءَ ۾ ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ هاڻي کان ئي تياري ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 19نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سال سانوڻيءَ ۾ ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ هاڻي کان ئي تياري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي واري وزارت، منصوبابندي واري وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) صوبائي حڪومتن سان گڏجي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان هڪ جامع منصوبو تيار ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد – 19نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سال سانوڻيءَ ۾ ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ هاڻي کان ئي تياري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي واري وزارت، منصوبابندي واري وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) صوبائي حڪومتن سان گڏجي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان هڪ جامع منصوبو تيار ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب موسمياتي تبديلي جي نقصانڪار اثرن کي روڪڻ لاءِ حڪومت جي حڪمت عملي تي هڪ جائزه اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. وزيراعظم اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته ايندڙ سال سانوڻي جي نقصانن کان بچڻ لاءِ هاڻي کان ئي تياريون ڪيون وڃن، موسمياتي تبديلي واري وزارت، منصوبابندي واري وزارت ۽ اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومتن سان گڏجي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان هڪ جامع منصوبو تيار ڪن. هن پاڻي جي بهتر انتظام بابت قومي سطح تي منصوبابندي لاءِ نيشنل واٽر ڪائونسل جو اجلاس منعقد ڪرڻ جي تياري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته پيش ڪيل مختصر مدت جي منصوبي تي فوري طور تي عمل درآمد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان هڪ اُسرندڙ ملڪ آهي، هر ٽئين سال جي ڊي پي جو هڪ اهم حصو موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن تي خرچ ڪرڻو پوندو آهي ۽ قيمتي ۽ محدود وسيلن کي ترقي جي بدران موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن کي روڪڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جنهن جو موسمياتي تبديلي ۾ ڪردار نه هجڻ برابر آهي، موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن جي لپيٽ ۾ آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ايندڙ سال سانوڻيءَ جي حوالي سان اشارن جي عالمي ڪاٿن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي واري وزارت پاران مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي جي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم مختصر مدي جي منصوبي جي منظوري ڏيندي ان تي فوري طور تي عمل درآمد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

مزید خبریں