اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي ۽ حفاظتي ٽڪن جي قومي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪندي حفاطتي ٽڪن جي پروگرام جي توسيعي پروگرام (اي پي آءِ) ۽ پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ واري پروگرام (پي اي آءِ) اي پي آئي پي اي آءِ سينرجي فريم ورڪ تي ضابطه طور تي صحيحيون ڪري ڇڏيون. فريم ورڪ جي منظوري …
اي پي آءِ – پي اي آءِ سينرجي فريم ورڪ جي منظوري، پوليو ۽ حفاظتي ٽڪن واري نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي

مزید خبریں
اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي ۽ حفاظتي ٽڪن جي قومي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪندي حفاطتي ٽڪن جي پروگرام جي توسيعي پروگرام (اي پي آءِ) ۽ پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ واري پروگرام (پي اي آءِ) اي پي آئي پي اي آءِ سينرجي فريم ورڪ تي ضابطه طور تي صحيحيون ڪري ڇڏيون. فريم ورڪ جي منظوري نيشنل ايمرجنسي آپريشنل سينٽر ۾ ٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس دوران ڏني وئي جنهن جي صدارت پوليو جي روڪٿام بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق ڪئي. اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته ان فريم ورڪ جو مقصد ٻنهي پروگرامن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ اهڙن قدمن کي يقيني بڻائڻ آهي جن جي ذريعي ٻارن لاءِ زندگي بچائيندڙ ويڪسين جي وقت تي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. اين ي او سي ۽ ايف ڊي آءِ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته گڏيل ڪوششن ذريعي هر ٻار تائين پوليو سميت زندگي بچائيندڙ ٻين سمورين ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.











