لبنان جي فلسطيني ڪيمپ تي اسرائيلي فضائي حملي سبب  13 ڄڻا شهيد

 بيروت -19 نومبر (اي پي پي) لبنان جي شهر صيدا ۾ موجود عين الحلوه فلسطيني پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب لبنان جي صحت واري وزارت ٻڌايو ته فضائي حملا ڪيمپ جي هڪ  ڳتيل آبادي واري حصي تي ڪيا ويا جنهن کان پوءِ ايمبولينس زخمين ۽ فوتين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪندي رهي. ٻئي …

 بيروت -19 نومبر (اي پي پي) لبنان جي شهر صيدا ۾ موجود عين الحلوه فلسطيني پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب لبنان جي صحت واري وزارت ٻڌايو ته فضائي حملا ڪيمپ جي هڪ  ڳتيل آبادي واري حصي تي ڪيا ويا جنهن کان پوءِ ايمبولينس زخمين ۽ فوتين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪندي رهي. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته اها ڪارروائي حماس جي تربيتي ڪمپائونڊ ۾ سر گرم عسڪريت پسندن کي نشانو بنائڻ لاءِ ڪئي وئي. بيان ۾ چيو ويو ته ان هنڌ اسرائيلي فوج تي حملن جي رٿابندي ڪئي پئي وئي .

مزید خبریں