جاپان کي سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر بڻجڻ جو ڪوبه حق ناهي: چين جو نمائندو

گڏيل قومون-19 نومبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته جاپان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر بڻجڻ جو ڪو حق حاصل ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوچونگ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سلامتي ڪائونسل جي سڌارن جي باري ۾ خطاب ڪندي چيو ته سڀني کي خبر آهي ته دنيا ۾ صرف هڪ چين آهي، عوامي جمهوريه چين جي حڪومت …

گڏيل قومون-19 نومبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته جاپان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر بڻجڻ جو ڪو حق حاصل ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوچونگ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سلامتي ڪائونسل جي سڌارن جي باري ۾ خطاب ڪندي چيو ته سڀني کي خبر آهي ته دنيا ۾ صرف هڪ چين آهي، عوامي جمهوريه چين جي حڪومت مڪمل چين جي نمائنده واحد حڪومت آهي ۽ تائيوان چين جو اڻٽٽ حصو آهي. فوچونگ چيو ته جاپاني وزيراعظم سنائي تڪائيچي جي تائيوان بابت بيان انتهائي غلط ۽ خطرناڪ آهن جيڪي چين جي اندروني معاملن ۾ سخت مداخلت ۽ هڪ چين جي اصول ۽ چين جاپان چار سياسي دستاويزن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. هن جو چوڻ هو ته اهو عالمي عدل ۽ انصاف خلاف اشتعال انگيزي آهي، ٻي عالمي جنگ کانپوءِ عالمي نظام لاءِ نقصانڪار آهي، عالمي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي پائمالي آهي ۽ جاپان جي امن جي رستي تي هلڻ جي بنيادي واعدي کان منهن موڙڻ آهي، گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي چيو ته اهڙي ملڪ کي سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر بڻجڻ ڪو به حق ناهي.

مزید خبریں