نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگھائي تعاون تنظيم جي حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ واپس روانو

ماسڪو-19نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ماسڪو ۾ شنگھائي تعاون تنظيم جي حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل جي 24هين اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ روس مان واپس روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران اربع تي جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم 17 کان 18 نومبر تائين منعقد ٿيندڙ ايس سي او حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني …

ماسڪو-19نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ماسڪو ۾ شنگھائي تعاون تنظيم جي حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل جي 24هين اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ روس مان واپس روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران اربع تي جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم 17 کان 18 نومبر تائين منعقد ٿيندڙ ايس سي او حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. نائب وزيراعظم شاندار مهمان نوازي ۽ اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي ميزبان حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن ماسڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ پرڏيهي آفيس جي ٽيمن طرفان سندس دوري ۾ سهولتُون فراهم ڪرڻ جي تعاون کي پڻ ساراهيو.

مزید خبریں