وزيراعظم پاران باجوڙ ۽ بنون ضلعن ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ٻن ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي ۽ بنون ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ٻن مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 23 دهشتگردن …

اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي ۽ بنون ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ٻن مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 23 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو ۽ چيو ته عزمِ استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ فوج سان گڏ بيٺل آهي.

مزید خبریں