سيڪيورٽي فورسز جون خيبرپختونخواهه جي ٻن ضلعن ۾ مختلف ڪارروايون، ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جا 23 خوارج جهنم ڀيڙو

راولپنڊي - 18 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه جي ٻن ضلعن ۾ مختلف ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 23 خوارج کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري پڌرائي موجب 16 ۽ 17 نومبر تي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي باجوڙ ۽ بنون ۾ دهشتگردي جي خاتمي جون ٻه وڏيون ۽ ڪامياب ڪارروايون ڪيون ويون. باجوڙ ۾ …

راولپنڊي – 18 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه جي ٻن ضلعن ۾ مختلف ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 23 خوارج کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري پڌرائي موجب 16 ۽ 17 نومبر تي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي باجوڙ ۽ بنون ۾ دهشتگردي جي خاتمي جون ٻه وڏيون ۽ ڪامياب ڪارروايون ڪيون ويون. باجوڙ ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ اهم سرغنه سجاد عرف ابوذر سميت 11 خوارج جهنم ڀيڙو ٿيا. انهي نوعيت جي هڪ ٻي ڪارروائي بنون ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز موثر حڪمت عملي تحت 12 وڌيڪ خوارج کي ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته علائقي ۾ ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن جون ڪارروايون جاري آهن ته جيئن ڪنهن به ٻئي ڀارتي حمايت يافته خوارج جي موجودگي کي ختم ڪري سگهجي. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل حڪمت عملي ”عزمِ استحڪام“ تحت ملڪي ۽ غيرملڪي حمايت يافته دهشتگردي جي خلاف مهم پوري طاقت سان جاري رهندي.

مزید خبریں