اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ جٽادار ترقي سميت مختلف شعبن ۾ ڊئنمارڪ سان سهڪار ۽ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پُرعزم آهي. ناڻي واري وزير اها ڳالهه پاڪستان ۾ ڊئنمارڪ جي نئين سفير ماجامورٽن سن سان ملاقات ۾ ڪئي. سفير مختصر نوٽيس تي ملاقات جو وقت ڏيڻ تي ناڻي واري وفاقي …
واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ جٽادار ترقي سميت مختلف شعبن ۾ ڊئنمارڪ سان سهڪار ۽ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهيون: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ جٽادار ترقي سميت مختلف شعبن ۾ ڊئنمارڪ سان سهڪار ۽ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پُرعزم آهي. ناڻي واري وزير اها ڳالهه پاڪستان ۾ ڊئنمارڪ جي نئين سفير ماجامورٽن سن سان ملاقات ۾ ڪئي. سفير مختصر نوٽيس تي ملاقات جو وقت ڏيڻ تي ناڻي واري وفاقي وزير جو ٿورو ادا ڪيو ۽ پاڪستان ۾ پنهنجون سفارتي ذميداريون شروع ڪرڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. هن ڊئنمارڪ ۽ پاڪستان وچ ۾ مستحڪم ۽ پُرجوش ٻه طرفن ناتن جو ذڪر ڪندي ٻُڌايو ته هن هفتي ڊئنمارڪ جا 3 وفد پاڪستان جو دؤرو ڪري رهيا آهن، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ رابطن جو واضح ثبوت آهي. ناڻي واري وزير سفير کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ جٽادار ترقي سميت مختلف شعبن ۾ ڊئنمارڪ سان سهڪار ۽ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جا معاشي اهڃاڻ نمايان طور تي بهتر ٿيا آهن جن ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ، مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي، مستحڪم ڪرنسي ۽ آمريڪا، چين، جي سي سي ملڪن ۽ يورپي يونين سميت وڏن عالمي ڀائيوارن سان مضبوط ٿيندڙ ناتا شامل آهن. سينيٽر محمد اورنگزيب پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ تي حڪومت جو ڌيان اجاگر ڪندي اعتراف ڪيو ته ماضيءَ ۾ ڪجهه ڪمپنين کي ڏُکيائين جو مُنهن ڏسڻو پيو. هن خاطري ڏياري ته پاڪستان پرڏيهي ادائگين جا بيڪ لاگ ڪليئر ڪري ڇڏيا آهن ۽ مالي ۽ مانيٽري استحڪام طرف هاڪاري اڳڀرائي جاري آهي. هن جاري اهم سڌارن جو به ذڪر ڪيو جن ۾ ٽيڪس جي دائري ڪار ۾ واڌ، تعميل ۾ بهتري، توانائيءَ جي شعبي ۾ ليڪيجز ۽ مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ فنانسنگ جي لاڳت گهٽائڻ شامل آهي. ڊئنمارڪ جي سفير ٻُڌايو ته ڊئنمارڪ جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪاروباري دلچسپي رکن ٿيون جن ۾ لاجسٽڪس، بحري انفراسٽرڪچر، مينيوفيڪچرنگ ۽ توانائيءَ جا شعبا شامل آهن. هن چيو ته ڪيتريون ئي ڪمپنيون پنهنجي آپريشنز کي واڌ ڏيڻ ۾ دلچسپي رکن ٿيون ۽ ڊئنمارڪ پاڪستاني عملدارن سان گڏجي شفاف ۽ مستقل ڪاروباري ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تيار آهي. ملاقات ۾ جاري قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جن ۾ جي سي سي فريم ورڪ تحت ٿيندڙ ايندڙ اجلاس، پاڪستان جا پورٽس ۽ لاجسٽڪس ايڪو سسٽم ۾ ڊئنمارڪ جي ڪمپنين جي دلچسپي ۽ گرين ٽرانزيشن، توانائيءَ جي ڪارڪردگي ۽ ٽيڪنالاجي جي جدت ۾ سهڪار جا وسيع امڪان شامل آهن. سفير توانائيءَ جي شعبي ۾ ڊئنمارڪ جي جامع سرڪاري سطح جي سهڪار جي پروگرام جو ذڪر ڪيو جيڪو ڊئنمارڪ انرجي ايجنسي جي مدد سان هلي رهيو آهي ۽ توانائي ماڊلنگ، انفراسٽرڪچر پلاننگ، گرڊ جي ڪارڪردگي ۽ سگهه ۾ واڌ تي کُتل آهي. ناڻي واري وزير کي فيصل آباد ۾ ڊئنمارڪ سان سهڪار سان وڏي ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ منصوبي تي به بريفنگ ڏني وئي جيڪو خطي جي سڀ کان وڏن منصوبن مان هڪ آهي، هي منصوبو واسا سان ڀائيواريءَ ۾ ڊئنمارڪ جي فنانسنگ ذريعي مڪمل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ نمايان گرانٽ پڻ شامل آهي، ان منصوبي ۾ 6 سالن جو ڀائيواري ماڊل اختيار ڪيو وڃي ته جيئن پائيداري ۽ اثرائتي ناليج ٽرانسفر کي يقيني بڻائي سگهجي. سفير پاڪستان ۾ ڊئنمارڪ بزنس ڪلب سان رابطا وڌائڻ ۽ ايندڙ هفتن ۾ لاهور ۽ ڪراچي جي دؤرن ذريعي صنعتي اڳواڻن سان ملاقاتن ۽ ڪاروباري ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ موسمياتي ماليات ۾ سڌارن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وزارت جي هڪ اهلڪار ڪلائميٽ فريم ورڪس ۾ ڊئنمارڪ جي عالمي قيادت ۽ سڄي دنيا ۾ ناڻي وزارت جي وڌندڙ ڪردار کي اجاگر ڪيو، جيڪو قومي بجيٽ سازيءَ ۾ ماحولياتي لچڪ کي مرڪزي حيثيت ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهي. ناڻي واري وزير ان سان اتفاق ڪيو ۽ ٻُڌايو ته پاڪستان به عالمي فورمز ۾ فعال طور تي شريڪ آهي ۽ ناڻي وزارت جي پاليسين ۾ جٽادار ترقي جي هدفن کي شامل ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزير سفير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اقتصادي، ترقياتي ۽ ماحولياتي شعبن ۾ ٻه طرفا ناتا وڌيڪ گهري ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌُرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڪاري رفتار کي برقرار رکڻ لاءِ باقاعده رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











