گڏيل قومون-18 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، غزه لاءِ آمريڪي سرپرستي ۾ تيار ڪيل قرارداد منظور ڪئي، جنهن تحت هڪ عالمي اسٽيبلائزيشن فورس ۽ عارضي گورننگ باڊي ”بورڊ آف پيس“ قائم ڪيو ويندو. اها قرارداد آمريڪي 20 نقاطي امن منصوبي تي ٻڌل آهي، جنهن جو مقصد 2 سال اسرائيلي جنگ کانپوءِ غزه ۾ سلامتي جي بحالي، انساني امداد جي فراهمي، نئين سر تعمير جي عمل جي …
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران غزه لاءِ عالمي امن فورس جي قيام جي آمريڪي قرارداد منظور

مزید خبریں
گڏيل قومون-18 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، غزه لاءِ آمريڪي سرپرستي ۾ تيار ڪيل قرارداد منظور ڪئي، جنهن تحت هڪ عالمي اسٽيبلائزيشن فورس ۽ عارضي گورننگ باڊي ”بورڊ آف پيس“ قائم ڪيو ويندو. اها قرارداد آمريڪي 20 نقاطي امن منصوبي تي ٻڌل آهي، جنهن جو مقصد 2 سال اسرائيلي جنگ کانپوءِ غزه ۾ سلامتي جي بحالي، انساني امداد جي فراهمي، نئين سر تعمير جي عمل جي شروعات ۽ اداري جاتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ آهي. 15 رڪني ڪائونسل ۾ قرارداد جي حق ۾ 13 ووٽ پيا، جڏهن ته چين ۽ روس ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. پاڪستان به ان جي حمايت ڪئي. قرارداد جو مقصد 2 سال اسرائيلي جنگ کانپوءِ غزه ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي، انساني امداد جي فراهمي ۽ نئين سر تعمير جي عمل کي اڳتي وڌائڻ آهي. مسودي ۾ دٻاءَ جي نتيجي ۾ مستقبل ۾ امڪاني فلسطيني رياست جو حوالو شامل ڪيو ويو، جنهن تي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سخت ردعمل ظاهر ڪيو ۽ چيو ته اردن جي اولهه ۾ ڪنهن به هنڌ تي فلسطيني رياست جي قيام جي مخالفت بدستور برقرار آهي. قرارداد مطابق عالمي اسٽيبلائزيشن فورس اسرائيل ۽ مصر سان گڏجي ڪم ڪندي، غزه جي سرحدي سيڪيورٽي، شهرين جي تحفظ، انساني امداد ۽ نئين فلسطيني پوليس فورس جي جوڙجڪ ۾ معاونت ڪندي، جڏهن ته سيڪيورٽي جي مڪمل بحالي کانپوءِ اسرائيلي فوج مڪمل طور تي نڪري ويندي. قرارداد ۾ آمريڪي امن منصوبي تحت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سربراهي ۾ بورڊ آف پيس جي قيام جي منظوري به شامل آهي، جيڪو سلامتي، امداد ۽ نئين سر تعمير جي انتظام کي مربوط بڻائي ۽ غزه کي هڪ اصلاح شده فلسطيني حڪومتي ڍانچي طرف منتقل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو. ان ذريعي فلسطيني خوداراديت واري حق ۽ مستقبل جي رياست لاءِ به هڪ رستو متعين ڪيو ويو آهي، جيڪو حڪمراني ۽ نئين سر تعمير جي هدفن سان مشروط هوندو.











