پاڪستان شنگهائي روح ۽ ان جي عظيم مقصد لاءِ پرعزم آهي: اسحاق ڊار

ماسڪو - 18 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ”شنگهائي روح“ ۽ ان جي عظيم مقصدن جيڪي جيو پوليٽيڪل ۽ جيو اڪنامڪ شعبن ۾ وڏي تبديلين آڏو اسان جي گڏيل ڪوششن کي سگهه ڏين ٿا جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جو ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ اوڀر ايشيا جي سنگم تي واقع هجڻ ان کي يوريشين خطي جي لاءِ …

ماسڪو – 18 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ”شنگهائي روح“ ۽ ان جي عظيم مقصدن جيڪي جيو پوليٽيڪل ۽ جيو اڪنامڪ شعبن ۾ وڏي تبديلين آڏو اسان جي گڏيل ڪوششن کي سگهه ڏين ٿا جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جو ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ اوڀر ايشيا جي سنگم تي واقع هجڻ ان کي يوريشين خطي جي لاءِ هڪ مثالي واپاري لنگهه بڻائي ٿو، خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي کانسواءِ پائيدار اقتصادي ترقي جي ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي، افغانستان ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ اسان جي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي تحفظ جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان اڃا به پرامن، مستحڪم، علائقائي طور تي ٺوس ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند اهي جيڪو پاڪستان ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن جي امن جي لاءِ لازمي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اهڙن خيالن جو اظهار نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس دوران ڏنل بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته ماسڪو جي خوبصورت شهر ۾ ٿيڻ ۽ روسي فيڊريشن جي وزيراعظم مشوسٽن جي ميزباني ۾ ٿيڻ منهنجي لاءِ انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي. هن روس جي گرمجوش، فراخدلي ۽ روايتي مهمان نوازي ۽ ايس سي او جي اجلاس جي لاءِ بهترين انتظامن تي روسي قيادت جا ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ”شنگهائي روح“ ۽ ان جي عظيم اصولن جي لاءِ پرعزم آهي جيڪي جيو پوليٽيڪل ۽ جيو اڪنامڪ ميدانن ۾ وڏي تبديلين جي آڏو اسان جي گڏيل ڪوششن کي سهارو ڏين ٿا. هن چيو ته گذريل سال اسلام آباد شنگهائي تعاون جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ جي) اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو هو ته معاشي تعاون شنگهائي تعاون جي سرگرمين جو محور آهي. پاڪستان جي سي ايڇ جي جي سربراهي ۾ ڳنڍجڻ، ٽرانسپورٽ رابطن، لاجسٽڪس ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي جي شعبن کي اقتصادي تعاون جي ترجيح قرار ڏنو ويو. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته علائقائي انفراسٽرڪچر خاص طور تي ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري، اقتصادي انضمام کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ لازمي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ اوڀر ايشيا جي سنگم تي واقع هجڻ ان کي يوريشين خطي جي لاءِ هڪ مثالي واپاري لنگهه بڻائي ٿو. هن چيو ته چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) علائقائي رابطي جي لاءِ گهڻ رخي فورس آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان کي چين سان ڳنڍي ٿو پر سمورن ايس سي او ملڪن کي علائقائي اقتصادي انضمام ۾ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري ٿو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ٻه مهينا اڳ تيانجن ۾ چيني قيادت جي متحرڪ صدارت ۾ اسان سائنس، ٽيڪنالاجي، جدت، مصنوعي ذهانت، واپار، سياحت، ثقافت ۽ سلامتي جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. هن چيو ته اسان صدر شي جن پنگ جي عالمي گورننس انيشي ايٽو (جي جي آءِ) جي آجيان ڪريون ٿا ۽ توانائي، گرين صنعت، ڊيجيٽل معيشت، سائنسي ۽ فني جدت، اعليٰ تعليم ۽ پيشيواراڻي ۽ فني تعليم ۾ 6 تعاون پليٽ فارمز جي شروعات کي ساراهيون ٿا. ڪيترن ئي ٻين قدمن وانگر اهو به صدر شي جن پنگ جي صدارت ۾ شاندار قدم آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته ايس سي او بزنس ڪائونسل ۽ ايس سي او انٽر بئنڪ ايسوسيئيشن ايس سي او ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، اسان کي گڏيل حل جي لاءِ قومي ڪرنسين جي استعمال کي فروغ ڏيڻ ۽ ايس سي او ڊيولپمينٽ بئنڪ، ايس سي او ڊيولپمينٽ فنڊ ۽ انويسٽمينٽ فنڊ قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم پڻ کڻڻا پوندا. اهڙا اوزار ۽ قدم ايس سي او خطي کي عالمي مالياتي خطرن جو ازالو ڪرڻ ۽ ترقياتي قدمن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندا. هن چيو ته معاشي ترقي جي مختلف مرحلن جي باوجود سمورا ايس سي او ميمبر ملڪ اڃا به غربت ۽ فوڊ سيڪيورٽي بابت چئلينجز کي منهن ڏين ٿا. اسان گڏيل ڪوششن ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان سکي انهن چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته تازو ئي پاڪستان مستقل چيئرمين جي طور تي ”ايس سي او جي غربت جي خاتمي تي خصوصي ورڪنگ گروپ“ جي ٻئي اجلاس جي ڪاميابي سان ميزباني ڪئي. ان جو محور ”موسمياتي لچڪدار سماجي تحفظ جي نظام جي تعمير: ايس سي او خطي ۾ موسمياتي جهٽڪن کان ڪمزور گروهن جو تحفظ“ هو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي کانسواءِ پائيدار اقتصادي ترقي جي ضمانت نه ٿي ئي سگهجي، افعانستان ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ اسان جي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي تحفظ جي لاءِ لازمي آهي. پاڪستان اڃا به پرامن، مستحڪم، علائقائي طور تي ٺوس ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي، جيڪو پاڪستان ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن جي امن جي لاءِ لازمي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته اسان مڪالمي، سفارتڪاري ۽ عالمي قانونن تي پنهنجي اڻٿڪ يقين جو ورجاءُ ڪريون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته تڪرارن ۽ اختلافن کي خوش اسلوبي سان ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ گڏيل متفقه عالمي معاهدن جي پاسداري جي ذريعي حل ڪرڻ گهرجي، نه ڪي ٽڪراءُ، ڏاڍ ۽ هڪطرفي قدمن جي ذريعي. ان پس منظر ۾ جامع ۽ منظم ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي جي ڊگهي عرصي کان متاثر سمورن مسئلن کي بامعنيٰ طور تي حل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل نورلان يرميڪ بايف ۽ ڊائريڪٽر (سي سي آر اي ٽي ايس) اولر بيڪ شارشيئيف کي اسان جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ان جي شاندار رهنمائي تي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. ايس سي او جي طاقت اسان جي گڏيل تاريخ ۾ آهي، پر ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ان گڏيل مستقبل ۾ جيڪو اسان تعمير ڪرڻ جي چونڊ ڪريون ٿا. پاڪستان ان مستقبل جو فعال معمار بڻجڻ جي لاءِ تيار آهي، اچو پنهنجي عوام جي لاءِ انهن ٺوس معاشي رابطن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.

مزید خبریں