اسحاق ڊار پاران ايس سي او جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس جي موقعي تي پاڪستان جو موقف پيش

ماسڪو - 18 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهيوزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ماسڪو ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس جي موقعي تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو جنهن ۾ علائقائي اقتصادي تعاون، ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ويزن جي حصيداري ڪئي وئي آهي. پرڏيهي آفيس موجب هن ڪنيڪٽيويٽي، انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس جي ڪردار تي روشني …

ماسڪو – 18 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهيوزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ماسڪو ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس جي موقعي تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو جنهن ۾ علائقائي اقتصادي تعاون، ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ويزن جي حصيداري ڪئي وئي آهي. پرڏيهي آفيس موجب هن ڪنيڪٽيويٽي، انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس جي ڪردار تي روشني وجهندي توانائي، ڊيجيٽل معيشت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت ۾ ايس سي او جي قدمن جي آجيان ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ٺوس اقتصادي رابطن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي غربت ۽ موسمياتي ريزيلينس سميت سماجي ۽ اقتصادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته پائيدار ترقي جو دارومدار امن ۽ استحڪام تي آهي.

مزید خبریں