وزيراعظم جي واپار بابت خاص مددگار راڻا احسان افضل جو عالمي وفد سان گڏ ووهان ۾ چين جي جديد ترين روبوٽڪس حب جو دورو

ووهان -18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار بابت خاص مددگار راڻا احسان افضل خان ايشيا، آفريقا، يورپ، لاطيني آمريڪا ۽ ٻين خطن جي حڪمران ۽ وڏين مخالف ڌر جي پارٽين جي نمائندگي ڪندڙ 21 سياسي پارٽين جي ترجمانن سان گڏ ووهان ۾ چين جي جديد  ترين روبوٽڪس حب جو دورو ڪيو. وفد کي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي طرفان هڪ توسيعي ڪثير شهر مطالعاتي پروگرام  لاءِ …

ووهان -18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار بابت خاص مددگار راڻا احسان افضل خان ايشيا، آفريقا، يورپ، لاطيني آمريڪا ۽ ٻين خطن جي حڪمران ۽ وڏين مخالف ڌر جي پارٽين جي نمائندگي ڪندڙ 21 سياسي پارٽين جي ترجمانن سان گڏ ووهان ۾ چين جي جديد  ترين روبوٽڪس حب جو دورو ڪيو. وفد کي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي طرفان هڪ توسيعي ڪثير شهر مطالعاتي پروگرام  لاءِ دعوت ڏني وئي.  نمائندن ڪيتريون گهريلو طور تيار ڪيل هيومنائيڊ روبوٽس جو سڌي ريت مظاهرو ڏٺو جن  ۾ گهڻي ڀاڱي  پي لوڊ وارا صنعتي ماڊلز، ڊڪندڙ ۽ جمپ لڳائڻ جي قابل چست باءِ پيڊل روبوٽس ۽ صحت جي سار سنڀال، سياحت ۽ هنگامي رد عمل لاءِ ڊزائين ڪندڙ سروس تي ٻڌل نظام شامل آهي. ماهر جي وفد کي هوبي جي تيزي سان پکڙجندڙ روبوٽڪس ايڪو سسٽم بابت آگاهه ڪيو، جواب 80 کان وڌيڪ بنيادي ادارن تي ٻڌل هو ۽ صوبي جي ٽي ساله پرجوش ايڪشن پلان بابت آگاهه ڪيو جنهن لاءِ 10 ارب يو آن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. وفد کي چين جي سپلاءِ چين انٽيگريشن ۽ مصنوعي ذهانت بابت بريفنگ ڏني وئي. راڻا احسان افضل خان ان حيرت انگيز تجربي کي ”ذهين مينوفيڪچرنگ ۽ انساني روبوٽ“ تعاون جي مستقبل جي هڪ جهلڪ طور ڏٺو. هن چيو ته اهڙي جديد معيشت کي نئين صورت ملندي ۽ عالمي سهڪار لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا.

مزید خبریں