ستر سيڪڙو بيماريون گندي پاڻي مان جنم وٺن ٿيون، پرهيز واحد حل آهي: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته 70 سيڪڙو بيماريون  گندي پاڻي مان جنم وٺن ٿيون، پرهيز ئي انهن جو واحد حل آهي. ويڪسينيشن، صاف پاڻي، احتياط ۽ لائف اسٽائيل ميڊيسن کي هٿي ڏيڻ سان هيلٿ ڪيئر سسٽم کي هٿي ڏيڻ  وقت جي ضرورت آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ٻه ڏينهن واري شگر ۽ نباتاتي دوائن تي علائقائي سيمينار جي …

اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته 70 سيڪڙو بيماريون  گندي پاڻي مان جنم وٺن ٿيون، پرهيز ئي انهن جو واحد حل آهي. ويڪسينيشن، صاف پاڻي، احتياط ۽ لائف اسٽائيل ميڊيسن کي هٿي ڏيڻ سان هيلٿ ڪيئر سسٽم کي هٿي ڏيڻ  وقت جي ضرورت آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ٻه ڏينهن واري شگر ۽ نباتاتي دوائن تي علائقائي سيمينار جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو. هن چيو ته شگر جي علاج ۾ جڙي ٻوٽين جو اثرائتو استعمال فائديمند آهي، طبي ماهرن صحيح چيو آهي ته شگر سمورين بيمارين جي ماءُ آهي ۽ پاڪستان ۾ هر چوٿون شهري ان مرض جو شڪار بڻجي ويو آهي، هن اعتراف ڪيو ته پاڪستان جو طبي نظام ڪمزوري جو شڪار آهي، جڏهن ته اسپتالون مريضن سان ڀريون پيون آهن. هن جو چوڻ هو ته جيترو مرضي اسپتالون ٺاهيو،بيمارين جو مڪمل علاج ممڪن ناهي، جيستائين احتياط، لائيف اسٽائيل ميڊيسن ۽ صحت جي بنيادي نظام کي مضبوط نه ڪيو ويندو. مصطفيٰ ڪمال زور ڀريو ته پرهيز علاج کان بهتر آهي ۽ ملڪ ۾ بيمارين جي پکيڙ جو وڏو سبب گندو پاڻي ۽ ناقص سيوريج سسٽم آهي. هن نباتاتي دوائن کي پنهنجي دل جي ويجهو موصوع قرار ڏيندي چيو ته قدرت جي نظام کي ويجهي علاج کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. آخر ۾ وزير چيو ته قومي صحت جي شعبي ۾ سڌارن تي تيزي سان ڪم جاري آهي ۽ احتياطي تدبيرون، صاف پاڻي، بهتر طرز زندگي ۽ جديد تحقيق ذريعي ئي بيمارين جي پکيڙ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

مزید خبریں