اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ چيو آهي، ته واپاري ڇڪتاڻ ۾ تيزي سان اضافو ۽ پاليسين سان واڳيل غيريقيني جي صورتحال سبب پائيدار عالمي معاشي ترقي حاصل ڪرڻ تمام گهڻي ڏکي ٿيندي پئي وڃي. اها ڳالهه عالمي مالياتي فنڊ طرفان جاري ڪيل سالياني رپورٽ ۾ چئي وئي. رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي وهڪري جا رخ بدلجي رهيا آهن جڏهن ته وڏيون …
واپاري ڇڪتاڻ ۾ تيزي سان اضافو ۽ پاليسين سان واڳيل غيريقيني جي صورتحال سبب پائيدار عالمي معاشي ترقي حاصل ڪرڻ تمام ڏکي ٿيندي پئي وڃي: آءِ ايم ايف

مزید خبریں
اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ چيو آهي، ته واپاري ڇڪتاڻ ۾ تيزي سان اضافو ۽ پاليسين سان واڳيل غيريقيني جي صورتحال سبب پائيدار عالمي معاشي ترقي حاصل ڪرڻ تمام گهڻي ڏکي ٿيندي پئي وڃي. اها ڳالهه عالمي مالياتي فنڊ طرفان جاري ڪيل سالياني رپورٽ ۾ چئي وئي. رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي وهڪري جا رخ بدلجي رهيا آهن جڏهن ته وڏيون معيشتون اهم پاليسي تبديلين جي عمل مان گذري رهيون آهن. مرڪزي بئنڪون سخت مالي حالتن ۽ وڌندڙ مارڪيٽ جي لاهن چاڙهن کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽ مسلسل بحران ملڪن جي پاليسي ذخيرن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پائيدار ترقي جي بحالي لاءِ حڪومتن کي فوري طور 3 اهم شعبن ۾ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي پهرين ترجيح عالمي واپاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ بنيادي عدم توازن ختم ڪرڻ آهي. ٻي ترجيح مالي ۽ معاشي استحڪام جو تحفظ آهي جنهن لاءِ ملڪن کي پنهنجو اندروني مالي انتظام بهتر بڻائڻو پوندو. رپورٽ موجب سڌارن جي اثرن کان متاثره طبقن جي مدد لاءِ هدفي، وقتي ۽ محدود نوعيت جا حڪومتي امدادي قدم ضروري هوندا. ٽين ترجيح ڊگهي مدي جي ترقي لاءِ پيداواري صلاحيت وڌائڻ وارا سڌارا آهن جنهن لاءِ محنت، پيداوار، ۽ مالياتي مارڪيٽن ۾ بناوتي سڌارا، جديد انفراسٽرڪچر تي سيڙپڪاري، نواڻ کي هٿي وٺائڻ، ڪاروبار دوست ضابطا، ۽ مقابلي کي مضبوط بڻائڻ وارين پاليسين جي ضرورت آهي. آءِ ايم ايف يقين ڏياريو آهي ته هو پنهنجي ميمبر ملڪن سان گڏجي بحران دوران وقت سر قرض فراهم ڪرڻ، مضبوط پاليسي فريم ورڪ کي هٿي وٺائڻ ۽ گڏيل عالمي مسئلن جي حل لاءِ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.











