اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته حڪومت چٽاڀيٽي ٽيرف نظام، توانائي جي شعبي جي پائيداري ۽ نجي شعبي جي وڌيڪ شموليت لاءِ پرعزم آهي. ٽيڪسيشن، توانائي جي شعبي جي نئين سر تنظيم سازي، سرڪاري ادارن جي نجڪاري، گورننس ۾ بهتري ۽ وفاقي خرچن کي معقول بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، مختلف شعبن ۾ ڍانچي جاتي سڌارن جي پروگرام …
حڪومت چٽاڀيٽي ٽيرف نظام، توانائي جي شعبي جي پائيداري ۽ نجي شعبي جي وڌيڪ شموليت لاءِ پرعزم آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته حڪومت چٽاڀيٽي ٽيرف نظام، توانائي جي شعبي جي پائيداري ۽ نجي شعبي جي وڌيڪ شموليت لاءِ پرعزم آهي. ٽيڪسيشن، توانائي جي شعبي جي نئين سر تنظيم سازي، سرڪاري ادارن جي نجڪاري، گورننس ۾ بهتري ۽ وفاقي خرچن کي معقول بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، مختلف شعبن ۾ ڍانچي جاتي سڌارن جي پروگرام تي عمل درآمد جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيٽر ٿيل ۽ آورن هافمين جي قائم ڪيل عالمي ميڊرشپ پليٽ فارم ڊائلاگ جي اعليٰ سطحي وفد سان تفصيلي ملاقات ۾ ڪيو. وفد جي قيادت سفير علي جهانگير صديقي ڪئي. وفد ۾ عالمي سطح جون مشهور شخصيتون شامل هيون، جن ۾ برطانوي دارالامرا جو ميمبر سائمن اسٽيونز، آسٽريلين پارليامينٽ جو ميمبر وائيٽ ويلنٽين ڊينگلر، جيگ سا گوگل جي سي اي او ياسمين گرين، ايڪس باڪس مائيڪرو سافٽ جي وائيس پريزيڊنٽ فاطمه ڪاردار، ملٽي فيٿ الائنس جي سي اي او شيڊي مارٽيني، ايجوڪيشنل سپر هاءِ وي جي سي اي او ايوان مارويل ۽ ناروي جي پارليامينٽ ميمبر هيما نشو گلاشي شامل هئا. ناڻي واري وزير وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان سان ڊائلاگ جي مسلسل شموليت خاص ڪري 2024ع جي پهرين ڊائلاگ پاڪستان وينٽر کان پوءِ جاري سهڪار کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان پاڪستان جي اقتصادي منظرنامي ۽ سيڙپڪاري جي صلاحيت بابت عالمي سطح تي سمجهه کي بهتر بڻائن ۾ مدد ملي. سفير علي جهانگير صديقي وفد جو تعارف ڪرايو، جنهن کان پوءِ ناڻي واري وزير وفد کي جامع بريفنگ ڏني. هن گذريل 18 مهينن دوران پاڪستان ۾ ڪلي معيشت جي استحڪام تي روشني وڌي ۽ چيو ته اهم معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري جي ڪري ڪريڊٽ ريتنگ جي 3 عالمي ايجنسين فچ، ايس اينڊ پي ۽ موڊيز پاڪستان جي درجه بندي ۾ اضافو ڪيو، معاشي استحڪام جي ڪري پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ توسيعي فنڊ سهولت پروگرام تحت ٻيو جائزو ڪاميابي سان مڪمل ٿيو آهي ۽ اسٽاڪ سطح جو معاهدو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي پروگرام ۾ به اڳڀرائي ٿي آهي، ان سان ملڪي معيشت تي عالمي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن بهتر ٿيندڙ جيوپوليٽيڪل حالتن، آمريڪا، چين ۽ سعودي عرب سان مضبوط لاڳاپن ۽ سي پيڪ فيز 2.0 جي شروعات تي روشني وڌي ۽ چيو ته هي بزنس ٽو بزنس سيڙپڪاري، روانگي واپار تي ٻڌل صنعتي زونز ۽ گڏيل منصوبن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته مختلف شعبن ۾ ڍانچي جاتي پروگرام تي عملدرآمد جاري آهي. ٽيڪسيشن، توانائي جي شعبي جي نئين سر تنظيم سازي، سرڪاري ادارن جي نجڪاري، گورننس ۾ بهتري ۽ وفاقي خرچن کي مناسب بڻائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته حڪومت ٽيڪس جي دائري ڪار کي وسيع ۽ گهرو ڪرڻ، ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل نگراني جي لاڳو ٿيڻ، گهٽ ضابطي وارن شعبن جهڙوڪ ريئل اسٽيت، زراعت ۽ هول سيل ريٽيل کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻ ۽ ٽيڪس جي تعميل ۾ بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن پينشن سڌارن ۾ پاڪستان جي اڳڀرائي، نون ملزمن لاءِ ڪنٽريبيوٽري اسڪيمز طرف منتقلي، ۽ ڊگهي مدي وارين مالي ذميوارين جي حل لاءِ ايندڙ قدمن تي روشني وڌي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين ۾ گورننس ۾ بهتري، نقصانن ۾ گهٽتائي جي ڪوششن، بورڊز ۾ نجي شعبي جي نمائندگي ۽ نجڪاري جي نئين سر فعال ڪيل منصوبن جو ذڪر ڪيو. هن چٽاڀيٽي ٽيرف نظام، توانائي جي شعبي جي پائيداري ۽ نجي شعبي جي وڌيڪ شموليت لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سوالن جوابن واري ويهڪ ۾ ناڻي واري وزير پاڪستان جي آمريڪا سان ٽيرف ڳالهين، قرضن جي رجحان، بئنڪاري جي ضابطن، سي پيڪ تحت بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ۽ ڊگهي مدي واري ترقي جي گڏيل لاڳاپن بابت تفصيلي جواب ڏنا. هن چيو ته پاڪستان ايندڙ سال عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ جو ارادو رکي ٿو جنهن ۾ پانڊا بانڊ جي امڪاني جاري ٿيڻ ۽ مقامي مالياتي مارڪيٽن کي وسعت ڏيڻ لاءِ مختلف قدم شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو فائدو ۽ گڏ ئي کاڻيون کوٽڻ، زراعت، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، دواسازي ۽ مينيوفيڪچرنگ جي شعبن ۾ جاري سڌارا ملڪ کي ڊگهي مدي واري نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪري رهي آهي. هن ڊائلاگ جي عالمي ليڊرشپ نيٽ ورڪ سان مسلسل رابطي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو ته عالمي حصيدارين کي مضبوط بڻائڻ، پرڏيهي سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سڌاران جي ايجنڊا کي عالمي سطح تي بااثر طبقن تائين پهچائڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي.











