اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي. وقتي آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر اسلام آباد عدالت ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ ڌماڪي سبب فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب وقتي آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي خراج عقيدت پيش …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي. وقتي آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر اسلام آباد عدالت ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ ڌماڪي سبب فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب وقتي آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وفاقي وزير وقتي آمريڪي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگرد عدالت کي نشانو بڻائڻ چاهين پيا، سيڪيورٽي سبب اندر نه وڃي سگهيا. حملي سان واڳيل سمورا ڪردار ٽريس ڪيا ويا آهن جڏهن ته سهولتڪار به گرفتار ٿيا آهن. هن چيو ته افسوسناڪ واقعي جي هر رخ کان جاچ جاري آهي. گهرو وزير چيو ته ڳالهيون ۽ دهشتگرد حملا گڏ نٿا هلي سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا دوستي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. وقتي سفير پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ لاڳاپيل عملدار موجود هئا.











