اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان گهٽ عمر جي شادي خلاف تاريخي قانونسازي تي بلوچستان حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اهو ِنياڻين جي بهتر زندگي طرف پهريون قدم آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلوچستان ۾ چائلڊ ميريج خلاف نئون قانون وڏي ڪاميابي آهي. اهم معاملي تي قانون سازي لاءِ بلوچستان حڪومت ۽ بلوچستان جي وڏي …
سينيٽر شيري رحمان پاران گهٽ عمر جي شادي خلاف تاريخي قانون سازي تي بلوچستان حڪومت کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان گهٽ عمر جي شادي خلاف تاريخي قانونسازي تي بلوچستان حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اهو ِنياڻين جي بهتر زندگي طرف پهريون قدم آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلوچستان ۾ چائلڊ ميريج خلاف نئون قانون وڏي ڪاميابي آهي. اهم معاملي تي قانون سازي لاءِ بلوچستان حڪومت ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي مان به گهٽ عمر جي شادي خلاف قانون ٺاهڻ جي درخواست ڪيان ٿي. چائلڊ ميريج ختم ڪرڻ نياڻين جي بهتر زندگي طرف پهريون قدم آهي. عورتن جي صحت، علاج، آگاهي ۽ غذائيت جون سهولتون بهتر بنائڻ تي زور ڏيڻو پوندو. پاڪستان ۾ ٻارن جي فوتگين ۽ غذائي کوٽ تي گهري ڳڻتي آهي. هن چيو ته گهٽ عمر جي شادي نه صرف ماءُ لاءِ جان ليوا آهي پر ڪمزور ٻارن جي پيدائش جو به وڏو سبب آهي. ٻارن جي پيدائش دوران هر 50 منٽ بعد هڪ عورت زنگي وڃائي ويهي ٿي. 18 سال کان گهٽ عمر کي بالغ ناهي سمجهيو ويندو ته شادي جي اجازت ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته قائداعظم به پنهنجي خطاب ۾ گهٽ عمر جي شادي کي نياڻين لاءِ نقصان ڏيندڙ قرار ڏنو هو. هن چيو ته عورتن کي با اختيار بنائڻ ئي پاڪستان جي مضبوطي جو رستو آهي.











