اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) 27هين آئيني ترميم تحت اهم آئيني ۽ قانوني عدالتي ادارن خاص ڪري سپريم جوڊيشل ڪائونسل (ايس جي سي)، جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان (جي سي پي) ۽ سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) ڪميٽيءَ کي نئين آئيني ڍانچي موجب نئين سر جوڙيو ويو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي پاران جاري پڌرائيءَ موجب شفافيت ۽ اداري جاتي تسلسل جي اصولن تحت نئيون نامزدگيون ڪيون ويون …
ستاويهين آئيني ترميم تحت اهم آئيني ۽ قانوني عدالتي ادارن سپريم جوڊيشل ڪائونسل، جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان ۽ سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) ڪميٽيءَ جي نئين جوڙجڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) 27هين آئيني ترميم تحت اهم آئيني ۽ قانوني عدالتي ادارن خاص ڪري سپريم جوڊيشل ڪائونسل (ايس جي سي)، جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان (جي سي پي) ۽ سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) ڪميٽيءَ کي نئين آئيني ڍانچي موجب نئين سر جوڙيو ويو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي پاران جاري پڌرائيءَ موجب شفافيت ۽ اداري جاتي تسلسل جي اصولن تحت نئيون نامزدگيون ڪيون ويون آهن، جن تحت سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين ججن جي فهرست ۾ اڳئين نمبر تي موجود جسٽس جمال خان مندوخيل کي آرٽيڪل 209 جي ڪلاز 2 (ڊي) تحت چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس فيڊرل ڪانسٽيٽيوشنل ڪورٽ (وفاقي آئيني عدالت) جي گڏيل نامزدگي سان سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. فيڊرل ڪانسٽيٽيوشنل ڪورٽ جي اڳئين سينيئر جج جسٽس عامر فاروق کي آرٽيڪل 175 اي، ڪلاز 2 (iiia) تحت چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس فيڊرل ڪانسٽيٽيوشنل ڪورٽ (وفاقي آئيني عدالت) جي گڏيل نامزدگي سان جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) ايڪٽ 2023ع جي شق 2 تحت چيف جسٽس جسٽس جمال خان مندوخيل کي سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين دستياب جج جي حيثيت سان ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪيو ويو آهي. پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ترميم ٿيل آئيني ڍانچي تحت هي ادارو هاڻ عدالتي احتساب، ججن جي مقرري ۽ عدالتي طريقيڪار جي نگرانيءَ ۾ پنهنجو مرڪزي ڪردار جاري رکندو.











