وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان جرمني جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ معدنيات، توانائي ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان جرمني جي سفير اناليپل توانائيءَ واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سياسي ۽ معاشي …

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ معدنيات، توانائي ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان جرمني جي سفير اناليپل توانائيءَ واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سياسي ۽ معاشي قونصلر جينين روهو به موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معدنيات، کاڻين ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جرمني جي سفير پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي معدني وسيلن جي شعبي ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان جي کاڻين جي شعبي ۾ وڌندڙ عالمي دلچسپي همٿائيندڙ آهي، جڏهن ته ريڪوڊڪ منصوبو وڌيڪ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ اهم ٽيسٽ ڪيس آهي. هن جيولاجيڪل سروي آف پاڪستان ۽ جرمن فيڊرل انسٽيٽيوٽ فار جيو سائنسز اينڊ نيچرل ريسورسز وچ ۾ فني سهڪار جي وسيع موقعي جي به نشاندهي ڪئي. جرمني طرفان پاڪستان ۾ جيولاجيڪل خطرن جي ميپنگ لاءِ اڳوڻي سهڪار جو پڻ حوالو ڏنو ويو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته حڪومت جديد ۽ جٽادار کاڻين کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبو پاڪستان ۾ ذميداراڻو ۽ وڏي پيماني تي کاڻين جو بهترين مثال بڻجي اُڀري رهيو آهي. هن پاڪستان منزل سمٽ جي تسلسل جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم جو اڳيون ايڊيشن وڌيڪ وڏو ۽ بهتر هوندو جنهن ۾ عالمي سيڙپڪارن لاءِ وسيع موقعا پيش ڪيا ويندا. توانائيءَ جي شعبي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ريفائنري اپ گريڊيشن پروگرام تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهيو آهي نه صرف ملڪي ٻارڻ جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي پر جرمني جي ڪاربن گهٽ معيشت ۽ گرين توانائيءَ جي پاليسين سان به هم آهنگ آهي. علي پرويز ملڪ توانائيءَ جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي ٻُڌايو ته پاڪستان پنهنجي ٻارڻ جي ضرورتن ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ڪوشان آهي. اٽڪل ٻه ڏهاڪن کانپوءِ آف شور ايڪسپلوريشن بلاڪس جا واڪ ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ ان سلسلي ۾ اهم سنگ ميل آهي جيڪو اپ اسٽريم شعبي ۾ نئين سيڙپڪاري جو باب کوليندو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ملڪن اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں