اوگرا طرفان ميڊيا رپورٽن ۽ عوامي شڪايتن تي مقرر ڪيل قيمت کان وڌيڪ وصولي جو نوٽيس

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ميڊيا رپورٽن ۽ عوامي شڪايتن تي مقرر ڪيل قيمت کان وڌيڪ وصولي جو نوٽيس وٺندي ايل پي جي ڪمپنين کي باضابطه نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڱاري ڏينهن اوگرا طرفان جاري نوٽيسز موجب اوگرا نومبر لاءِ ايل پي جي، جي 11.8 ڪلوگرام سلينڊر جي قيمت 2378 رپيا (201 رپيا في ڪلوگرام) مقرر ڪئي آهي جڏهن ته ايل پي …

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ميڊيا رپورٽن ۽ عوامي شڪايتن تي مقرر ڪيل قيمت کان وڌيڪ وصولي جو نوٽيس وٺندي ايل پي جي ڪمپنين کي باضابطه نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڱاري ڏينهن اوگرا طرفان جاري نوٽيسز موجب اوگرا نومبر لاءِ ايل پي جي، جي 11.8 ڪلوگرام سلينڊر جي قيمت 2378 رپيا (201 رپيا في ڪلوگرام) مقرر ڪئي آهي جڏهن ته ايل پي جي ڪمپنين في سلينڊڙ 2800 کان 3 هزار رپيا ايڪس پلانٽ ريٽ وصول ڪري رهي آهي، جنهن سان صارفين ۾ سخت بيچيني جي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. اٿارٽي ڪمپنيز کي سختيءَ سان هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پلانٽ ۽ ڊسٽري بيوٽرز جي سمورن ماڳن تي اوگرا جي نوٽيفائيڊ اگهن جي مڪمل پابندي کي يقيني بڻائين. اوگرا سمورن صوبائي ۽ ضلعي انتظاميه کي به هدايت ڪئي ته ايل پي جي پلانٽس تي گڏيل انسپيڪشنز، ريٽ چيڪنگ يقيني بڻايا وڃن. اٿارٽي خبردار ڪيو آهي ته قيمتن جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ وڏي ڏنڊ، لائسنس جي معطلي سميت سخت قانوني قدم عمل ۾ آندا ويندا، ناجائز منافعي خوري تي ڪارروايون به جاري آهن.

مزید خبریں