پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، 100 انڊيڪس ۾ 752.05 پوائنٽس جي گهٽتائي

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري تي مسلسل ٻئي ڏينهن به ٻاڙائيءَ جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 752.05 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 160935.13 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 559 ڪمپنين جي 1545.92 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 38.85 ارب رپيا هئي. 179 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 249 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 131 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 270 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 48680.98 پوائنٽس ۽ …

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري تي مسلسل ٻئي ڏينهن به ٻاڙائيءَ جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 752.05 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 160935.13 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 559 ڪمپنين جي 1545.92 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 38.85 ارب رپيا هئي. 179 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 249 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 131 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 270 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 48680.98 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1206.38 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 229518.03 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 9.89 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 459326157 شيئرز، بئنڪ مڪرامها لميٽيڊ 166199352 شيئرز ۽ بيڪو سٽيل لميٽيڊ جي 134304157 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. آئل بوائي انرجي لميٽيڊ، ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام ۽ پيرامائونٽ سپننگ ملز سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.

مزید خبریں