ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ ٿڌي رهندي: موسميات کاتو

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌي (خاص طور تي صبح/ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ) رهندي، جڏهن ته پنجاب جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح/ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪو ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ …

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌي (خاص طور تي صبح/ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ) رهندي، جڏهن ته پنجاب جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح/ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪو ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ ٿڌي رهي. جڏهن ته پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ هلڪو ڪوهيڙو ڇائنيل رهيو. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد اسڪردو ۾ ڪاٽو 06، ليه ۾ ڪاٽو 04، بابوسر، گوپس ۽ گلگت ۾ ڪاٽو 03 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں