گڏيل قومون -18 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي انسانيت خلاف ڏوهن تي ٻڌايل سزا انهن ڏوهن جي متاثرن لاءِ تمام اهم ڳالهه آهي، پر پوءِ به کيس موت جي سزا نه هئڻ گهرجي ها. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي انساني حقن واري اداري جي ترجمان روينا شمداساني ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته غير حاضري ۾ هلايل ڪيس لازمي …
گڏيل قومن پاران شيخ حسينه واجد جي موت جي سزا واري فيصلي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
گڏيل قومون -18 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي انسانيت خلاف ڏوهن تي ٻڌايل سزا انهن ڏوهن جي متاثرن لاءِ تمام اهم ڳالهه آهي، پر پوءِ به کيس موت جي سزا نه هئڻ گهرجي ها. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي انساني حقن واري اداري جي ترجمان روينا شمداساني ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته غير حاضري ۾ هلايل ڪيس لازمي قانوني عمل ۽ منصفاڻي ڪارروائي جي سمورن عالمي معيارن تي پورو ناهي لهندو، هن چيو ته مون کي موت جي سزا ڏيڻ تي افسوس آهي جنهن جي اسان هر صورت ۾ مخالفت ڪنداسين.











