صدر پاران خيبر پختونخوا ۾ 15 خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخوا ۾ ٻن ڪامياب آپريشنن ۾ 15 خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته مُلڪ ۾ پرڏيهي مدد سان ڪم ڪندڙ دهشتگردن جو مڪمل خاتمو قومي اتفاق راءِ سان جاري رهندو. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چيو ته ڀارتي پُٺڀرائي يا حمايت يافته فتنه …

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخوا ۾ ٻن ڪامياب آپريشنن ۾ 15 خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته مُلڪ ۾ پرڏيهي مدد سان ڪم ڪندڙ دهشتگردن جو مڪمل خاتمو قومي اتفاق راءِ سان جاري رهندو. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چيو ته ڀارتي پُٺڀرائي يا حمايت يافته فتنه الخوارج جي ڪارندن سميت انهن جي اڳواڻ عالم محسود جو مارجڻ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب حڪمت عملي جي ڪري آهي. هن چيو ته "عزم استحڪام ” تحت جاري دهشتگردي خلاف مهم ملڪ ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي قومي ڪوششن جو مظهر آهي. صدر واضح ڪيو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف قومي اتفاق راءِ کي خراب ڪرڻ لاءِ ڪنهن به سطح تي ڌيان هٽائڻ جي ڪا به سياسي چالبازي يا ڪوشش برداشت نه ڪئي ويندي. صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عزم ۽ بهادري کي سلام پيش ڪندي چيو ته الله جي فضل سان مُلڪ کي جلد ئي خارجين جي شر کان پاڪ ڪيو ويندو.

مزید خبریں