راولپنڊي- 18 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواه ۾ ٻن جُدا جُدا ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 15 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. پاڪ فوجي جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان موجب 15 ۽ 16 نومبر تي خيبر پختونخواه ۾ ٻن الڳ الڳ ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 15 دهشتگرد ماريا ويا. پهرين ڪارروائي …
سيڪيورٽي فورسز پاران خيبر پختونخواه ۾ ٻن جُدا جُدا ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج 15 دهشتگرد ماريا ويا: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي- 18 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواه ۾ ٻن جُدا جُدا ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 15 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. پاڪ فوجي جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان موجب 15 ۽ 16 نومبر تي خيبر پختونخواه ۾ ٻن الڳ الڳ ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 15 دهشتگرد ماريا ويا. پهرين ڪارروائي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي جي ڪلاچي علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت ڳُجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪئي وئي، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر انداز ۾ نشانو بڻايو. هن آپريشن جي نتيجي ۾ دهشتگردن جي اڳواڻ عالم محسود سميت 10 خوارج جهنم ڀيڙا ڪيا ويا. اتر وزيرستان جي دته خيل علائقي ۾ ٻي ڪارروائي ۾ سيڪيورٽي فورسز 5 وڌيڪ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. علائقي کي مُڪمل ڪليئر ڪرڻ لاءِ ڪارروايون جاري آهن ته جيئن ڪنهن به ٻئي ڀارتي حمايت يافته خوارج جي موجودگي کي ختم ڪري سگهجي. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران وفاقي اپيڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل حڪمت عملي "عزم استحڪام ” تحت پاران ملڪي ۽ غير ملڪي حمايت يافته دهشتگردي خلاف مهم پوري طاقت سان جاري رهندي.











