سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران آزاد ڄمون ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ کي عهدو سنڀالڻ تي دلي واڌايون

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران آزاد ڄمون ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ کي عهدو سنڀالڻ تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته راجا فيصل ممتاز راٺوڙ جي چونڊ آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ هڪ نئين خوشخبري آهي، جيڪا خوشحالي، ترقي ۽ …

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران آزاد ڄمون ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ کي عهدو سنڀالڻ تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته راجا فيصل ممتاز راٺوڙ جي چونڊ آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ هڪ نئين خوشخبري آهي، جيڪا خوشحالي، ترقي ۽ بهتر حڪمراني طرف هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندي. هن چيو ته راجا فيصل ممتاز راٺوڙ هڪ مڃيل، بردبار ۽ سلجهيل سياستدان آهي، جنهن جون سياسي ۽ سماجي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته نئون چونڊيل وزيراعظم پنهنجي بصيرت، تجربي ۽ قيادت ذريعي آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام جي مسئلن جي حل، اداره جاتي مضبوطي ۽ خطي جي مجموعي ترقي ۽ استحڪام لاءِ مؤثر قدم کڻندو. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته راجا فيصل ممتاز راٺوڙ عوامي فلاح بهبود، تعمير، ترقي ۽ معاشي بهتريءَ لاءِ نئين دؤر جي شروعات ڪندو ته جيئن خطي ۾ پائيدار خوشحالي ۽ امن کي هٿي ملي سگهي. هن آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام جي روشن مستقبل لاءِ به نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں