حڪومت معيشت کي بحران کان ترقي ۽ پرڏيهي لاڳاپن کي اڪيلائپ کان عالمي اهميت طرف منتقل ڪري ڇڏيو آهي، دوست ملڪن مان ٻطرفي واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملي رهي آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 17 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت معيشت کي بحران کان ترقي ۽ پرڏيهي لاڳاپن کي اڪيلائپ کان عالمي اهميت طرف منتقل ڪري ڇڏيو آهي، دوست ملڪن مان ٻطرفي واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملي رهي آهي، پاڪستان نه رڳو صحيح قدم کنيا پر اهڙي پاليسي اختيار ڪئي جنهن تحت ان کي سفارتي …

اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت معيشت کي بحران کان ترقي ۽ پرڏيهي لاڳاپن کي اڪيلائپ کان عالمي اهميت طرف منتقل ڪري ڇڏيو آهي، دوست ملڪن مان ٻطرفي واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملي رهي آهي، پاڪستان نه رڳو صحيح قدم کنيا پر اهڙي پاليسي اختيار ڪئي جنهن تحت ان کي سفارتي ميدان ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون مليون، اهي ڪاميابيون سول ۽ فوجي قيادت بشمول وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي وچ ۾ موجود مثالي هم آهنگي جو نتيجو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن صنوبر انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ ”بدلجندڙ دنيا ۾ پاڪستان جو ڪردار“ جي عنوان سان منعقد مباحثي کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ دوست ملڪ ناراض هئا پر موجوده حڪومت جي دور ۾ پاڪستان انتهائي مختصر عرصي ۾ پرڏيهي پاليسي جي ڏس ۾ نمايان اهميت ٻيهر حاصل ڪري ورتي. گذريل ٻن سالن جا واقعا خاص طور تي مئي جي جنگ کانپوءِ جي صورتحال اسان جي قومي تشخص کي هڪ نئون رخ ڏنو آهي. وفاقي وزير چيو ته پهلگام واقعي کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ان سانحي جي غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ جي آڇ ڪئي، پاڪستان تي اڪثر اهڙن دهشتگرد حملن حملن جو الزام هنيو ويندو رهيو آهي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر هجڻ جي باوجود پاڪستان جي خلاف باقاعده پروپئگنڊه ڪئي وئي ۽ اسان کي ئي دهشتگردي جو ذميوار قرار ڏنو ويندو رهيو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، اسان 90 هزار جانين جي قرباني ڏني آهي، دنيا جي ڪنهن ملڪ دهشتگردي جي خلاف ايتري وڏي قرباني ناهي ڏني. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اربين ڊالر جو نقصان برداشت ڪيو، اسان دهشتگردن ۽ باقي دنيا جي وچ ۾ هڪ ڍال جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ۽ جڏهن ڪو پاڪستاني پنهنجي جان قربان ڪري ٿو ته اهو رڳو ملڪ جي لاءِ نه پر دنيا کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ به آهي. هن چيو ته ايتريون قربانيون رائيگان وڃڻ ممڪن نه آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا اسان جي ڪهاڻي ٻڌي ۽ ان کي صحيح انداز ۾ سمجهي. هن چيو ته جنگ کان اڳ جاچ جي آڇ ڪري اسان اهو پيغام ڏنو ته اسان جا هٿ صاف آهن ۽ اسان جو موقف دنيا تسليم ڪيو، ان موڙ تي اسان جي دوستن ۽ اتحادين سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا. وفاقي وزير چيو ته جاچ جي آڇ ڪري پاڪستان هڪ موثر سفارتي قدم کنيو جنهن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو، ان کانپوءِ وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ نائب وزيراعظم جي سطح تي وسيع سفارتي رابطا ٿيا جن پاڪستان جي بيانيي کي دنيا آڏو رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مسلسل سفارتي رابطن پاڪستان کي دنيا آڏو پنهنجو موقف موثر طريقي سان پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏني. هن چيو ته دنيا بدلجي رهي هئي ۽ پاڪستان به تبديل ٿيو، اسان هڪ فعال سفارتي تبديلي ڏٺي ڇو ته پاڪستان سفارتڪاري کي انتهائي سنجيدگي سان ورتو. اسان بيانيي کي موثر انداز ۾ پيش ڪرڻ تي ڌيان ڏنو، پاڪستان جي موقف کي عالمي ميڊيا تي پهچائڻ منهنجي ذميواري هئي ۽ اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته اهو پيغام دنيا تائين پهچي. هن چيو ته اسان وٽ سچ جي طاقت هئي، انهي بنياد تي جڏهن پاڪستان پنهنجي ڪهاڻي صحيح انداز ۾ پيش ڪئي ته دنيا ان کي ٻڌو ۽ ان جو اثر ٿيو. موثر سفارتڪاري سان گڏ صحيح معلومات تي ٻڌل مهم جي ذريعي معلومات ۽ پروپئگنڊه جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان هر محاذ تي موجود هو ۽ صحيح معلومات فراهم ڪرڻ تي ڊي جي آءِ ايس پي آر سان قائم مثالي هم آهنگي ساراهه جوڳي هئي جنهن کانسواءِ اها ڪاميابي ممڪن نه هئي. هن چيو ته بيانيي جي محاذ تي پاڪستان ڪامياب رهيو ۽ سفارتي محاذ تي به اسان کي ڪاميابي ملي جڏهن حقيقت ۾ معاملو ڪارروائي تائين پهتو ته الله جي فضل سان اسان 7 ڀارتي جهاز ڪيرايا هئا. هن چيو ته جڏهن پاڪستان کي جارحيت کي منهن ڏيڻو پيو ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو جنهن اسان جي عسڪري طاقت کي واضح طور تي ثابت ڪيو، اهڙي طرح بيانيي جي جنگ ۽ سفارتي محاذ ٻنهي ۾ ڪاميابي حاصل ٿي ۽ جڏهن اصل جنگ جو وارو آيو ته پاڪستان شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ رڳو چئن ڪلاڪن جي اندر جنگبندي جي درخواست ڪرڻي پئي جنهن مان اهو واضح ٿيو ته پاڪستان واقعي بدلجي چڪو آهي. هن چيو ته هڪ قوم جي طور تي جيڪو اتحاد اسان ڏيکاريو ان کي تسليم ڪرڻو پوندو، پاڪستاني عوام جي حوصلا مندي ۽ يڪجهتي اختلافن کي پٺتي وجهي ڇڏيو ۽ آئون ايوان ۾ خطاب ڪندي چئي رهيو هئس ته اڄ ڪو سياسي پوائنٽ اسڪور ڪرڻ جو موقعو نه آهي. اسان سڀ هڪ پيج تي هئاسين ۽ گڏ ٿي دشمن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم هئاسين ۽ الحمدالله اهو ئي ٿي رهيو. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي انتهائي سنجيده صورتحال هئي، اسان جي نوجوانن اهڙا ميمز ٺاهيا هئا جن دشمن کي لاجواب ڪري ڇڏيو. جنگ سنجيدگي جو معاملو هوندو آهي پر اسان جي نوجوان نسل پنهنجي انداز ۾ دشمن جي خلاف هڪ موثر محاذ سنڀاليو. هن چيو ته نوجوانن پاڻ ذميواري وٺندي ان ڊيجيٽل محاذ تي پاڪستان جي لاءِ جنگ وڙهي. هن چيو ته ڊيجيٽل دنيا ۾ ماڻهو ٻن قسمن جا هوندا آهن، هڪ ڊيجيٽل نيٽيوز ۽ ٻيا ڊيجيٽل اميگرينٽس. ڪجهه وقتن تي ڊيجيٽل اميگرينٽس کي ڊيجيٽل ميڊيا جي حقيقتن کي سمجهڻ ۾ وقت لڳي ٿو پر ڊيجيٽل دور ۾ پيدا ٿيندڙ نيٽيوز ان کي اسان مان اڪثر بهتر سمجهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ڊيجيٽل نيٽيوز پنهنجي جدا حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ انهي جي ذريعي ان محاذ تي ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته مڪمل هم آهنگي ۽ يڪجهتي پاڪستان کي ڪاميابي ڏياري ۽ اڄ پاڪستان عالمي سطح تي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. غزه جي صورتحال ۽ جنگبندي جي معاملن ۾ پاڪستان انهن عرب ۽ اسلامي ملڪن ۾ شامل آهي جن امن قائم ڪرڻ ۾ ثالثي ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺي آخرڪار جنگبندي ممڪن بڻائي. هن چيو ته اها پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي آهي ته دنيا جي ملڪن ان کي سنجيدگي سان ورتو ۽ تسليم ڪيو ته اسان جا مشورا ۽ موقف انتهائي اهم ۽ لاڳاپيل آهن. هن سال پاڪستان ۾ ڪيترائي اعليٰ سطحي دورا ٿيا. گذريل ڏيڍ سال ۾ پاڪستان جون سفارتي مصروفيتون عروج تي رهيون، ان دوران اسان ايس سي او سمٽ جي ميزباني ڪئي ۽ 14 سالن کانپوءِ 12 وزيراعظم پاڪستان جي دوري تي آيا. اسلام آباد ايندڙ حڪومتي سربراهن اسٽريٽجڪ لاڳاپن، علائقائي تعاون، دهشتگردي جي خاتمي ۽ علائقائي رابطن تي ڳالهه ڪئي ۽ سمورا معاملا مسلسل غور هيٺ آهن. وفاقي وزير چيو ته عالمي لاڳاپن جي روشني ۾ پاڪستان 2027ع ۾ ايس سي او هيڊ آف اسٽيٽ سمٽ جي ميزباني ڪندو جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي هڪ وڏو ايونٽ هوندو. هن چيو ته سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ ميوچل ڊفينس ايگريمنٽ پاڪستان جي لاءِ اهم تاريخي قدم ثابت ٿيو، عوام ان تي فخر ڪيو جڏهن ته رياض ۾ 25 ڪلوميٽر فاصلي تائين پاڪستاني جهنڊو بلند ۽ مسلسل ڦڙڪائيندو رهيو. هن چيو ته گذريل دوري ۾ اقتصادي تعاون جي فريم ورڪ جي شروعات پاڪستان جي معيشت جي بحالي جي حوالي سان سعودي عرب سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪيا. اقتصادي بهتري جي حوالي سان اها هڪ اهم ڪاميابي آهي ڇو ته پاڪستان جي ريٽنگز ۽ ميڪرو اڪنامڪ انگ اکر بهتر ٿيا آهن ۽ عالمي مالياتي ادارا پاڪستان جي اقتصادي ڪارڪردگي کي ساراهي رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت معيشت کي بحران مان ترقي جي راهه تي وجهي ڇڏيو آهي ۽ پرڏيهي لاڳاپن کي اڪيلائپ کان عالمي اهميت تائين پهچايو، اهي ٻه نعرا حڪومت جي ڪارڪردگي کي چڱي ريت بيان ڪن ٿا ته الحمدالله اسان معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي ٻنهي ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته افغانستان جي معاملي ۾ به پاڪستان وٽ ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن ته افغان سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيندي رهي آهي. هر وڏي واقعي جي جاچ ۾ ڪنهن نه ڪنهن جڳهه تي افغان شهري جو تعلق ضرور سامهون اچي ٿو ۽ ان صورتحال کي پاڪستان منهن ڏئي رهيو آهي. ان حوالي سان پاڪستان جو واضح ۽ مضبوط موقف آهي. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي معيشت، غيرملڪي سيڙپڪاري، اسٽريٽجڪ لاڳاپن بشمول علائقائي ۽ عالمي واپار ۽ ڪاروبار انتهائي پراميد آهن ۽ هيستائين نتيجا به شاندار رهيا آهن. هن چيو ته گذريل مهيني اسان جو ملائيشيا جو نمايان دورو به ٿيو. ملائيشيا سان پاڪستان جا واپاري ۽ سيڙپڪاري شعبن ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن چيو ته مجموعي طور تي موجوده بدلجندڙ صورتحال ۾ پاڪستان صحيح طريقي سان قدم کنيا. هن چيو ته دوحه تي حملي کانپوءِ پاڪستاني وفد دوحه پهچندڙ پهرين وفدن ۾ شامل هو جنهن قطر جي قيادت سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان نه رڳو صحيح قدم کنيا پر اهڙي پاليسي به اختيار ڪئي جنهن تحت ان کي سفارتي ميدان ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون مليون. اهي ڪاميابيون سول ۽ فوجي قيادت بشمول وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي وچ ۾ موجود مثالي هم آهنگي جو نتيجو آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ استحڪام پاڪستان کي ٻاهرئين ملڪ موثر انداز ۾ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي قوت ڏني. ٻيا ملڪ به پاڪستان سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهن. وفاقي وزير چيو ته آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا پاڪستان، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي ساراهيو ۽ بار بار 7 جهازن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته اهو غور طلب آهي ته پاڪستان جو آمريڪا جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، لاڳاپن ۾ نمايان بهتري آئي، اهڙي طرح چين جو تازو دورو به اهم رهيو. پاڪستان جي هر ملڪ سان لاڳاپن جي پنهنجي منفرد نوعيت آهي ان لاءِ هڪ تعلق ڪنهن ٻئي تعلق جي قيمت تي قائم نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي جي ڪاميابي جو اهو ئي راز آهي، انهي روشني ۾ اسان مستقبل جي لاءِ هڪ مضبوط، موثر ۽ عملي پرڏيهي پاليسي اختيار ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا جيڪا نه رڳو پاڪستان کي عالمي سطح تي عزت ڏي پر اسان جي معيشت کي به نئين بلندين تائين وٺي وڃي.

مزید خبریں