اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر پاڪستان- ازبڪستان تعاون جي 8هين اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ازبڪستان جي سفير علي شير تختيايوف، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندن، ايس آءِ ايف سي، ڪاروباري برادري ۽ سفارتي حلقن جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعاتي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافتي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداريءَ کي …
صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت ۾ پاڪستان- ازبڪستان تعاون جي 8هين اعليٰ سطحي جائزي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر پاڪستان- ازبڪستان تعاون جي 8هين اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ازبڪستان جي سفير علي شير تختيايوف، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندن، ايس آءِ ايف سي، ڪاروباري برادري ۽ سفارتي حلقن جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعاتي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافتي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداريءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جي اظهار سان ٿيو. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن ٽيڪسٽائل، فارماسيوٽيڪل، سرجيڪل اوزارن، معدنيات ۽ اطلاعات ٽيڪنالاجيءَ سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب پاڪستان ازبڪستان سان 2 ارب ڊالرن جي ٻه طرفي واپار جي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهي. ازبڪ سفير ان عزم جو اظهار ڪيو ته وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي مارڪيٽن کي جوڙڻ ٻنهي ملڪن جو گڏيل مقصد آهي. فارماسيوٽيڪل شعبو اجلاس ۾ اهم موضوع رهيو. ازبڪ نمائندن پاڪستان جي فارما صنعت جي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ چيو ته ازبڪستان جو فارما پارڪ ماڊل متاثر ڪندڙ آهي ۽ پاڪستان ۾ به لاڳو ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ پاڪستاني دوائن جي ازبڪستان ۾ سست رفتاريءَ سان ٿيندڙ سرٽيفڪيشن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. جواب ۾ هارون اختر خاطري ڪرائي ته سرٽيفڪيشن جي عمل کي تيز ڪيو ويندو. هن ڊريپ پاڪستان فارما ايسوسيئيشن ۽ ازبڪ ريگيوليٽرز تي ٻَڌل گڏيل ڪميٽي جي قيام جو پڻ اعلان ڪيو ته جيئن فارما تعاون سان لاڳاپيل مسئلن کي فوري حل ڪري سگهجي. ايوي ايشن ڪنٽيوٽي به ڳالهه ٻولهه جو اهم موضوع رهيو. ازبڪ سفير ڪراچي ۽ ازبڪستان لاءِ سڌيءَ ريت اُڏامون شروع ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان سان واپار ۽ـ سياحت ۾ نمايان واڌ ٿيندي. هارون اختر چيو ته پاڪ ازبڪ فضائي رابطو واپار ۽ سفري امڪان وڌائڻ لاءِ اڻٽر آهي. هن وڌيڪ چيو ته ازبڪستان نار ملڪن مان يورپ تائين سفر لاءِ نئون گيٽ وي بڻجي سگهي ٿو. هن ٻُڌايو ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان مان ازبڪستان لاءِ سڌيءَ ريت اُڏامون فوري طور شروع ڪيون وڃن ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستاني ايئرلائنز کي فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بئنڪاري تعاون کي فوري طور مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ويو. ازبڪ سفير چيو ته موجوده بئنڪاري رڪاوٽون واپاري ڏي وٺ ۾ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيون آهن جڏهن ته پاڪستان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مالياتي تعاون ٻنهي ملڪن لاءِ معاشي حصيداريءَ کي برقرار رکڻ لاءِ اڻٽر آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي نمائندن ٻُڌايو ته بئنڪاري مسئلا جلد حل ڪيا ويندا ۽ ڪيترائي ئي پاڪستاني بئنڪ ٻه طرفي واپاري ڏي وٺ لاءِ تيار آهن. هارون اختر اعلان ڪيو ته نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ازبڪستان ۾ پنهنجي شاخ کوليندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي ڪاروبارن کي سهولت ملندي. صوبائي شموليت جي اهميت تي روشني وجهندي هارون اختر ٻُڌايو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ازبڪستان سان گڏيل منصوبن ۾ صوبن کي به شامل ڪيو وڃي. هن صنعتن واري صوبائي وزارت تي زور ڀريو ته هو ان موقعن مان فائدو کڻندي گڏيل منصوبن ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن وچ ۾ زميني ريلوي رابطن ۾ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. خاص مددگار چيو ته پاڪستان خطي ۾ واپاري حب بڻجڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي ۽ ٽرانزٽ افغان ريلوي منصوبو پوري خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. اجلاس ۾ معدنيات جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن جي جائزي ۽ سمورن گڏيل ورڪنگ گروپس کي ايندڙ اجلاس ۾ اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت سان ٿيو. ٻنهي ملڪن جي قيادت اقتصادي تعاون علائقائي رابطن ۽ ڊگهي مُدي واري حصيداري کي هٿي وٺرائڻ جي گڏيل عزم کي ورجايو.











