ڪوالالمپور-17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي نوجوانن جي ترقي ۽ بااختيار بڻائڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان هڪ پُرامن، خوشحالي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائيندڙ دولتِ مشترڪه جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪن سان ڀرپور تعاون لاءِ پُرعزم آهي. اهڙو اظهار هن 10هين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽريل ٽاسڪ فورس جي افتتاحي اجلاس کي …
پاڪستان عالمي سطح تي نوجوانن جي ترقي ۽ بااختيار بڻائڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: رانا مشهود احمد خان

مزید خبریں
ڪوالالمپور-17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي نوجوانن جي ترقي ۽ بااختيار بڻائڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان هڪ پُرامن، خوشحالي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائيندڙ دولتِ مشترڪه جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪن سان ڀرپور تعاون لاءِ پُرعزم آهي. اهڙو اظهار هن 10هين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽريل ٽاسڪ فورس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پاڪستان جي نوجوانن جي ترقيءَ لاءِ عالمي سطح تي قائداڻي حيثيت کي اجاگر ڪيو ويو. اجلاس انٽرنيشنل يوٿ سينٽر ڪوالالمپور ۾ منعقد ٿيو جتي چيئرمين ورچوئل شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاڪستاني وفد شريڪ ٿيو. پنهنجي خطاب ۾ چيئرمين رانا مشهود احمد خان 56 ميمبر ملڪن ۾ نوجوانن جي ترقيءَ لاءِ ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ جي مستقبل ڪوششن کي ساراهيو. هن لنڊن ۾ ٿيل 10هين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽريل ميٽنگ جو حوالو ڏيندي چيو ته هي اجلاس نوجوانن لاءِ اعليٰ هدف دولتِ مشترڪه جي نوجوانن لاءِ وڌيڪ مؤثر خدمتن جي فراهمي جي ويزن کي هٿي ڏئي ٿو. ٽاسڪ فورس جي شريڪ چيئرمين طور هن چيو ته سي واءِ ايم ٽي ايف هڪ بنيادي پليٽ فارم آهي جيڪو مارلبروهاس ڪميٽمينٽس، سي واءِ ايم ايم جي فيصلن ۽ سي ايڇ او جي ايم جي نوجوانن بابت قراردادن کي عملي قدمن ۽ نتيجن ۾ تبديل ڪري ٿو. هن ڪامن ويلٿ ايئر آف يوٿ 24-2023ع جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته نوجوان صرف پاليسين مان فائدو حاصل ڪندڙ ناهن پر مستقبل جا حقيقي حصيدار آهن. چيئرمين پاڪستان جي نوجوانن جي تعليم، روزگار، ڪاروبار، ماحوليات ۽ شموليت جي حوالي سان قدمن کي نمايان ڪيو ۽ چيو ته نوجوانن تي سيڙپڪاري ئي پائيدار ترقي آهي. هن دولتِ مشترڪه جي ترجيحن جهڙوڪ ڊجيٽل ورڇ جو خاتمو ٽيڪنالاجي تائين برابر جي رسائي گورننس ۾ نوجوانن جي شموليت موسمياتي عمل ۽ نوجوانن جي قيادت ۾ ماحولياتي قدمن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. هن يوٿ ورڪ جي پروفيشنلائزيشن ۽ نان فارمل لرننگ جا موقعا وڌائڻ جي سفارش ڪئي. هن سارڪ آسيان ڪريڪوم آفريقي يونين ۽ پيسفڪ ڪميونٽي سميت علائقائي تنظيمن سان تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن سي اي واءِ اي يوٿ سمٽ اسلام آباد 2025ع جي ڪاميابيءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته 12 ملڪن جي نمائندن جي شرڪت سان نيشنل يوٿ ڪائونسل جو قيام سي اي واءِ اي سيڪريٽريٽ جو پاڪستان ۾ قيام ۽ اسلام آباد يوٿ ڊڪليئريشن جي منظوري جهڙا اهم نتيجا سامهون آيا. ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ جي اسٽريٽجڪ پلان 30-2025ع تي ڳالهائيندي چيو ته هي ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام نوجوانن جي قيادت ۾ سرگرمين لاءِ مرڪزي سيڪريٽريٽ طور ڪم جاري رکندو. هن ٻُڌايو ته پرائيم منستر يوٿ پروگرام جي نمائندن آمنه بتول ايم اين اي ۽ ڊاڪٽر محمدعلي اجلاس دوران ان نُڪتن تي وڌيڪ روشني وجهندا. آخر ۾ رانا مشهود احمد 1.6 بلين ڪامن ويلٿ نوجوانن لاءِ بامعنيٰ موقعا پيدا ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته پاڪستان هڪ پُرامن خوشحال ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائيندڙ دولتِ مشترڪه جي سمورن ميمبر ملڪن سان ڀرپور تعاون لاءِ پُرعزم آهي.











