وفاقي آئيني عدالت پاران ڊريپ کان جان بچائيندڙ دوائن جي سڄي ملڪ ۾ دستيابيءَ بابت جامع رپورٽ طلب

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) کان جانيون بچائيندڙ دوائن جي سڄي ملڪ ۾ دستيابيءَ بابت جامع رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻُڌڻي اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران درخواستگذار مؤقف اختيار ڪيو ته زندگيون بچائيندڙ 41 دوائن …

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) کان جانيون بچائيندڙ دوائن جي سڄي ملڪ ۾ دستيابيءَ بابت جامع رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻُڌڻي اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران درخواستگذار مؤقف اختيار ڪيو ته زندگيون بچائيندڙ 41 دوائن جي رجسٽريشن بابت درخواست دائر ڪئي هئي جنهن مان 30 جي رجسٽريشن مڪمل ٿي چڪي آهي جڏهن ته انهن دوائن جي مارڪيٽ ۾ دستيابيءَ بابت اڃا تائين مڪمل معلومات فراهم نه ڪئي وئي. هن چيو ته ڊريپ گذريل ٻُڌڻيءَ تي دوائن جي دستيابيءَ بابت تفصيل ويب سائٽ تي جاري ڪرڻ جو وعدو ڪيو هو پر گهڻيون دوائون اڃا به ويب سائٽ تي ظاهر نه ڪيون ويون. ڊريپ جي وڪيل مؤقف اختيار ڪيو ته مختلف دوائون خاص ڪري شوگر جي دوائن جون قيمتون ڪنٽرول ڪيون پيون وڃن ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن بابت ڄاڻ ويب سائٽ تي فراهم ڪئي پئي وڃي. چيف جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏيندي چيو ته درخواستگذار عوامي مفاد لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو آهي. حڪومت جي ذميداري آهي ته هو عوام کي دوائن جي مسلسل فراهمي يقيني بڻائي. بعد ۾ عدالت ڊريپ کان دوائن جي دستيابيءَ جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ٻُڌڻي اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں