وفاقي آئيني عدالت پاران ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري جي معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري جي معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي ڪيس اُڪلائي ڇڏيو. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل اپيل تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران ڪوبه وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيو. عدالت رڪارڊ جو …

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري جي معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي ڪيس اُڪلائي ڇڏيو. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل اپيل تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران ڪوبه وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيو. عدالت رڪارڊ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قرار ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار نٿو رکي سگهجي ۽ ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو. بينچ ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن عدالتي فيصلي سان ڪا ڌُر متاثر ٿئي ته هو لاڳاپيل فورم تي رجوع ڪرڻ جو حق رکي ٿو. واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ڪنگ ايڊورڊ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر اسد اسلم جي مقرريءَ کي چئلينج ڪندڙ درخواست تي ان جي مقرري ختم ڪري ڇڏي هئي. درخواستگذار افتخار احمد مقرريءَ جي عمل کي چئلينج ڪيو هو، جڏهن ته ڪيس 8 سالن تائين سپريم ڪورٽ ۾ ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر نه ٿي سگهيو هو.

مزید خبریں