وفاقي آئيني عدالت پاران ڪراچيءَ جي عوامي پارڪس کي واپاري ۽ راندين جي مقصدن لاءِ استعمال ڪيس وفاقي آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف منع نامو جاري

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ڪراچيءَ جي عوامي پارڪس کي واپاري ۽ راندين جي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ بابت ڪيس ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي اپيل تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف منع نامو جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ اپيل جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران ڪي ايم سي جي وڪيل مؤقف اختيار ڪيو ته معاملو ڪي …

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ڪراچيءَ جي عوامي پارڪس کي واپاري ۽ راندين جي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ بابت ڪيس ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي اپيل تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف منع نامو جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ اپيل جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران ڪي ايم سي جي وڪيل مؤقف اختيار ڪيو ته معاملو ڪي ايم سي جي انتظامي ۽ قانوني اختيارن بابت آهي. هن ٻُڌايو ته ڪي ايم سي قرارداد ذريعي ڪراچيءَ جي 9 عوامي پارڪس کي راندين جي سرگرمين لاءِ استعمال ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته ڪي ايم سي کي ان قسم جي اجازت ڏيڻ جو اختيار ناهي. وڪيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ 26 آگسٽ 2025ع جي فيصلي ۾ ڪي ايم سي جي قدمن کي ڪالعدم قرار ڏنو جنهن کي آرٽيڪل 10اي تحت شنوائيءَ جي حق کان بنا ٻُڌو ويو. ڪي ايم سي ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري رکيو هو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪيس عام مفاد بابت آهي ۽ ان تي تفصيلي ٻُڌڻي ضروري آهي. بعد ۾ وفاقي آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي منع نامو جاري ڪندي ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا ۽ ٻُڌڻي 27 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته عوامي پارڪس کي ڪمرشل طور راندين جي سرگرمين لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪي ايم سي جي فيصلي خلاف شهرين سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو جتي ڪي ايم سي جي قدم کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو هو.

مزید خبریں