لاهور-17 نومبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب مان سينيٽ جي خالي هڪ جنرل سيٽ تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. اها سيٽ سينيٽر عرفان الحق صديقي جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي ترجمان موجب اميدوار 20 ۽ 21 نومبر 2025ع تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائين سگهن ٿا، جڏهن ته 25 نومبر تي ڪاغذن جي جانچ پڙتال ڪئي ويندي. نامزدگين جي منظوري …
اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب مان سينيٽ جي جنرل سيٽ تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري

مزید خبریں
لاهور-17 نومبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب مان سينيٽ جي خالي هڪ جنرل سيٽ تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. اها سيٽ سينيٽر عرفان الحق صديقي جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي ترجمان موجب اميدوار 20 ۽ 21 نومبر 2025ع تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائين سگهن ٿا، جڏهن ته 25 نومبر تي ڪاغذن جي جانچ پڙتال ڪئي ويندي. نامزدگين جي منظوري يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 27 نومبر تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون. اميدوار پهرين ڊسمبر 2025ع تائين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جا مجاز هوندا. سينيٽ جي ان جنرل سيٽ تي پولنگ 9 ڊسمبر 2025ع تي ٿيندي، جيڪا پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جي بلڊنگ ۾ صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهندي. سينيٽر جي چونڊ پنجاب اسيمبلي جا صوبائي ميمبر ڪندا.











