اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌي (خاص طور تي صبح/ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ) رهندي، جڏهن ته پنجاب جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح/ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪو ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ ٿڌي رهندي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌي (خاص طور تي صبح/ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ) رهندي، جڏهن ته پنجاب جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح/ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪو ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ ٿڌي رهي. جڏهن ته پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ هلڪو ڪوهيڙو ڇائنيل رهيو. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد اسڪردو ۾ ڪاٽو 07، ليه ۾ ڪاٽو 06، بابوسر، گلگت ۾ ڪاٽو 03، گوپس، استور ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











