اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائيءَ جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 248.01 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 161687.16 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 479 ڪمپنين جي 1214.42 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 41.37 ارب رپيا هئي. 251 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 192 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 36 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 132.15 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 48950.98 پوائنٽس …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان

مزید خبریں
اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائيءَ جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 248.01 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 161687.16 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 479 ڪمپنين جي 1214.42 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 41.37 ارب رپيا هئي. 251 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 192 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 36 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 132.15 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 48950.98 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 866.15 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 230724.41 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 9.72 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. ڪاروبار دوران ڪي اليڪٽرڪ جي 296271166 شيئرز، بي ڪو سٽيل لميٽيڊ 107340017 شيئرز ۽ ٽي پي ايل پراپرٽي لميٽيڊ جي 73346418 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. ڪي اليڪٽرڪ، بي ڪو سٽيل ۽ فرسٽ ڪريڊٽ اينڊ انويسٽمنٽ بئنڪ سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.











