پاڪستان – ايران پاران ٻطرفي سياسي مشاورت جي تيرهين دور ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي جامع خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 17 نومبر (اي پي پي) پاڪستان – ايران ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جي تيرهين دور ۾ ٻنهي طرفن ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گذريل ٻطرفي سياسي مشاورتي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفي سياسي مشاورتي ڳالهه ٻولهه (بي …

اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) پاڪستان – ايران ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جي تيرهين دور ۾ ٻنهي طرفن ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گذريل ٻطرفي سياسي مشاورتي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفي سياسي مشاورتي ڳالهه ٻولهه (بي پي سي) جو تيرهون دور 17 نومبر 2025ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ڪئي جڏهن ته ايراني وفد جي سربراهي سياسي معاملن واري نائب وزير ماجد تخت روانچي ڪري رهيو هو. ٻنهي طرفن جي اعليٰ عهديدارن مشاورتي ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت ڪئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گذريل ٻطرفي سياسي مشاورتي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جڏهن ته توانائي، چرپر جي رابطن، تعليم ۽ عوام سان عوام جي لاڳاپن جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين اهميت وارن علائقائي ۽ عالمي واقعن ۽ رجحانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي طرفن گڏيل مفاد جي شعبن ۾ ويجهي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل اقتصادي ڪميشن (جي اي سي) ۽ گڏيل واپاري ڪميٽي (جي ٽي سي) سميت مختلف ادارتي مڪينزم جي باقاعده اجلاسن جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۽ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) سميت عالمي فورمز تي تعاون جاري رکڻ ۽ گڏيل عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اها مشاورتي ڳالهه ٻولهه پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي تي ٻڌل ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاس آهي. ٻطرفي سياسي مشاورتي ڳالهه ٻولهه جو ايندڙ دور تهران ۾ گڏيل طور تي مناسب تاريخن جي تعين کانپوءِ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں