نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ماسڪو پهچي ويو

ماسڪو - 17 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ماسڪو پهچي ويو جتي هو 17 کان 18 نومبر 2025ع تي ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هوائي اڏي تي روس جي نائب پرڏيهي وزير ميخائل گالوزن، اسٽيٽ پروٽوڪول جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اليگزينڊر پروسوف، روسي پرڏيهي وزارت جي سيڪنڊ ايشيا …

ماسڪو – 17 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ماسڪو پهچي ويو جتي هو 17 کان 18 نومبر 2025ع تي ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هوائي اڏي تي روس جي نائب پرڏيهي وزير ميخائل گالوزن، اسٽيٽ پروٽوڪول جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اليگزينڊر پروسوف، روسي پرڏيهي وزارت جي سيڪنڊ ايشيا ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اليڪسي سورووتسيف ۽ پاڪستان جي سفارتخاني جي آفيسرن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو استقبال ڪيو.

مزید خبریں