صدر آصف علي زرداري کي چئن نون مقرر ٿيندڙ سفيرن پاران سفارتي سندون پيش

اسلام آباد - 17 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي چئن نون مقرر ٿيندڙ سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد پروقار تقريب دوران پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون، صدر سفيرن کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو ته انهن جون مقرريون پاڪستان جي انهن چئن ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائينديون. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جن سفيرن سفارتي …

اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي چئن نون مقرر ٿيندڙ سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد پروقار تقريب دوران پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون، صدر سفيرن کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو ته انهن جون مقرريون پاڪستان جي انهن چئن ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائينديون. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جن سفيرن سفارتي سندون پيش ڪيون انهن ۾ آسٽريليا جو نئون مقرر هاءِ ڪمشنر ٽم ڪين، ماريشيس جو نئون مقرر هاءِ ڪمشنر منسو ڪرمباڪس، ڊينمارڪ جو نئون مقرر سفير ميجا مورٽينسن ۽ گڏيل عرب امارات جو مقرر سفير سالم محمد سالم البواب الزعبي شامل آهن. ايوان صدر اچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي هڪ دستي سفيرن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو ته انهن جون مقرريون پاڪستان جي انهن چئن ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائينديون. آسٽريليا جي نئين مقرر هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي صدر آسٽريليا سان پاڪستان جي دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. هن زراعت ۽ خاص طور تي تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي روشني وڌي جتي آسٽريليا ۾ پاڪستاني شاگردن هڪ وڏو انگ موجود آهي. هن عوام سان عوام جي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ راندين جو گڏيل جذبو شامل آهي ۽ آسٽريليا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خيرسگالي کي فروغ ڏيڻ جي ڪردار کي ساراهيو. ماريشيس جي نئين مقرر هاءِ ڪمشنر سان ملاقات دوران صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان قائم دوستي جي رشتن جن جو بنياد گهري ثقافتي هم آهنگي ۽ دولت مشترڪه جي ورثي تي ٻڌل آهن، کي اهميت رکندڙ قرار ڏنو. صدر واپار، سيڙپڪاري، زراعت، دفاعي تعاون ۽ گڏيل پارلياماني لاڳاپن جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ڊينمارڪ جي نئين مقرر سفير ڳالهه ٻولهه دوران صدر ڊينمارڪ سان پاڪستان جي ڀائراڻي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي کي ساراهيو. هن واپار، زراعت، ڊيري مصنوعات، ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون جي امڪانن تي روشني وڌي. هن پاڪستان جي گرين ٽرانزيشن ۽ موسمياتي تبديلين جي خلاف مزاحمت جي ايجنڊا تي ڊينمارڪ جي حمايت کي ساراهيو. گڏيل عرب امارات جي نئين مقرر سفير سان ڳالهائيندي صدر گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو جتي پاڪستان 1971ع ۾ گڏيل عرب امارات کي تسليم ڪندڙ پهريون ملڪ هو. هن چيو ته گڏيل عقيدي، گڏيل اعتماد ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل خواهشن تي ٻڌل اهي تاريخي لاڳاپا ان ڀائراڻي رشتي جي سڃاڻپ آهن. صدر آصف علي زرداري ٻطرفي واپار، سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پُل قرار ڏنو ۽ انهن جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. صدر چئني سفيرن جي لاءِ انهن جي مقرري جي مدي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته انهن جون ڪوششون گڏيل فائدن ۽ خوشحالي جي لاءِ مضبوط ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارين جو سبب بڻجنديون.

مزید خبریں