فتنه الخوارج مذهب جي نالي تي نوجوانن کي ورغلائي پاڪ فوج خلاف ذهن سازي ڪن ٿا، خوارجي دهشتگرد جو فتنه الخوارج جي حوالي سان انڪشاف

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) خوارجي دهشتگرد فتنه الخوارج جي حوالي سان انڪشاف ڪندي چيو آهي ته فتنه الخوارج مذهب جي نالي تي نوجوانن کي ورغلائي پاڪ فوج خلاف ذهن سازي ڪن ٿا. تفصيل مطابق خوارجي دهشتگرد انڪشاف ڪيو ته فتنه الخوارج مذهب جي نالي تي نوجوانن کي ورغلائي انهن کي پاڪ فوج خلاف اڪسائين ٿا، منهنجو نالو احسان الله ولد عبدالجنان ۽ ذات محسود آهي. خوارجي دهشتگرد چيو …

اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) خوارجي دهشتگرد فتنه الخوارج جي حوالي سان انڪشاف ڪندي چيو آهي ته فتنه الخوارج مذهب جي نالي تي نوجوانن کي ورغلائي پاڪ فوج خلاف ذهن سازي ڪن ٿا. تفصيل مطابق خوارجي دهشتگرد انڪشاف ڪيو ته فتنه الخوارج مذهب جي نالي تي نوجوانن کي ورغلائي انهن کي پاڪ فوج خلاف اڪسائين ٿا، منهنجو نالو احسان الله ولد عبدالجنان ۽ ذات محسود آهي. خوارجي دهشتگرد چيو ته ڪمانڊر بدري، ڪمانڊر مشتاق، ڪمانڊر گرنيڊ ۽ ڪمانڊر اسلام الدين لاءِ 3 سال تائين سهولتڪاري ڪندو رهيس، اسان بڪتربند گاڏيءَ ۽ قنور پوليس اسٽيشن تي حملي سميت مختلف ڪارروائيون ڪيون، فتنه الخوارج نوجوانن جي ذهن سازي ڪري کين پاڪ فوج خلاف دهشتگرد ڪارروائين ۾ استعمال ڪن ٿا. خوارجي دهشتگرد چيو ته ڪيترائي خوارجي ڪمانڊر پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ نوجوانن کي بدڪاري جهڙن گناهن طرفن ڌڪين ٿا، خوارجي ڪمانڊر اسان سان بد اخلاقي ڪندا هئا. خوارجي دهشتگرد چيو ته انهن خوارجين ڪوڙ ڳالهايو ته پاڪ فوج ڪافر آهي پر حقيقت ۾ خوارج پاڻ ڪافر ۽ مرتد آهن، جڏهن مان انهن کي ڏٺو ته خبر پئي ته پاڪستاني فوج ته حقيقي مسلمان آهي. خوارجي دهشتگرد چيو ته مان پاڪ فوج جي جوانن کي 5 وقت نماز پڙهندي ڏٺو آهي، مان نماز ۽ ڪلمو سکيو جيڪي مون کي اڳ ۾ نه ايندا هئا. خوارجي دهشتگرد چيو ته نوجوانن کي اپيل آهي ته پاڪ فوج جو ساٿ ڏين ته جيئن دهشتگرد عنصرن جي روڪٿام ۽ خاتمو ٿي سگهي، اسان انهن دهشتگرد خوارجين جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهيون. مذهب جي نالي تي دهشت، نفرت ۽ ڏڦيڙ ڦهلائيندڙن خلاف ڪارروائيون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں