اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت مزدورن جي بقايائن سان لاڳاپيل خيبرپختونخوا حڪومت جي اپيل تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سومر ڏينهن ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل خيبر پختونخوا موقف اختيار ڪيو ته لاڳاپيل قانون تحت جيڪڏهن ڪو نجي ادارو مزدور کي ملازمت …
وفاقي آئيني عدالت پاران مزدورن جي رهتن سان لاڳاپيل خيبر پختونخوا حڪومت جي اپيل تي پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪرڻ جو حڪم نامو جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت مزدورن جي بقايائن سان لاڳاپيل خيبرپختونخوا حڪومت جي اپيل تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سومر ڏينهن ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل خيبر پختونخوا موقف اختيار ڪيو ته لاڳاپيل قانون تحت جيڪڏهن ڪو نجي ادارو مزدور کي ملازمت مان برطرف ڪري ته سندس بقايائن جي ادائيگي ڪرڻ لازم آهي ۽ ادائيگي نه ٿيڻ جي صورت ۾ مزدور مجاز اٿارٽي سان رجوع ڪري سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته مجاز اٿارٽي طرفان مزدور جي حق ۾ فيصلو اچڻ تي نجي اداري کي اپيل ڪرڻ کان اڳ بقايائن جا سيڪيورٽي ڊيپازٽ جمع ڪرائڻ ضروري هوندا آهن. هن چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ، نجي اداري جي اپيل سان گڏ ان لازمي سيڪورٽي ڊيپازٽ جي شرط ختم ڪري ڇڏيو هو، جيڪو مزدورن جي حقن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جي گذارش تي عدالت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











